ڪنشاسا
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪنشاسا (انگريزي: Kinshasa) جمهوري جمهوريه ڪانگو (اڳوڻي زائر) جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. هن شهر کي پهريون ڀيرو فرانسيسين طرفان یوپولڊوائل سڏيو ويو، جڏهن ته ڊچ ان کي لیوپولڊستاد سڏيو. هي شهر ڪانگو نديءَ جي ڪناري تي واقع آهي. هڪ دفعي ڪانگو نديءَ جي ڪناري سان مڇي مارڻ ۽ واپاري ڳوٺن جو ماڳ، ڪنشاسا هاڻي دنيا جي تيز ترين وڌندڙ ميگا شهرين مان هڪ آهي. هڪ ڪروڙ سٺ لک (16 ملين) رهاڪن جي آبادي سان، هي ڪانگو، DR ۾ سڀ کان وڌيڪ گنجان آباد شهر ۽ آفريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر آهي. اهو آفريڪا جو ٽيون نمبر وڏو ميٽروپوليٽن علائقو آهي ۽ ڪانگو، DR جو اهم معاشي، سياسي ۽ ثقافتي مرڪز آهي.[4][5][6][7]
ڪنشاسا | |||
---|---|---|---|
گاديء وارو شھر ء صوبو | |||
Ville de Kinshasa | |||
| |||
عرفيت: Kin la belle (سانچو:Literally) | |||
ڪانگو جی صوبن واری نقشی تی ڪنشاسا | |||
Show map of Earth | |||
جاگرافي بيهڪ: 04°19′19″S 15°18′43″E | |||
ملڪ | عوامي جمهوريا ڪانگو | ||
ٺهرايو | سال 1881ع (ليوپولڊ وايل جي طور) | ||
سٽي هال | لا گومبي | ||
ڪميون | List
| ||
حڪومت | |||
• قسم | صوبائي اسیمبلي | ||
• مجلس | ڪنشاسا جي صوبائي اسيمبلي | ||
• گورنر | جیٽیني اینگوبیلا ایمباڪا | ||
• وائيس گورنر | نيرون ایمبونگو | ||
پکيڙ[1] | |||
• شھر۔صوبو | 9,965 ڪ.م2 (3,848 ميل2) | ||
• شھري[2] | 600 ڪ.م2 (200 ميل2) | ||
بلندي | 240 ميل (790 ft) | ||
آبادي (2021ع) | |||
• شھر۔صوبو | 17,071,000[3] |
ڪنشاسا ۾ ڪيتريون ئي صنعتون آهن، جن ۾ پيداوار،[8][9] ٽيليڪميونيڪيشن،[10] بينڪنگ ۽ تفريح شامل آهن.[11][12] شهر ڪانگو DR جي ڪجهه اهم ادارن جي عمارتن جي ميزباني پڻ ڪري ٿو، جهڙوڪ پيپلز محل، قومی محل، ڪورٽ آف ڪيسیشن، آئيني ڪورٽ، آفريقي يونين سٽي، ماربل پیلس، مارٽائرز اسٽيڊيم، گورنمينٽ بلڊنگ، ڪنشاسا، مالي مرڪز، ۽ ڪيترائي وفاقي شعبا ۽ ايجنسين جي عمارتن جي ميزباني پڻ ڪري ٿو.[13][14][15][16]
جاگرافيائي طور تي 9,965 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل، ڪنشاسا پول ماليبو جي ڏاکڻي ڪناري سان پکڙيل آهي، اهو، زمين سان گهٽ ۾ گهٽ 300 ميٽر سراسري اوچائي تي، هڪ وسيع هلال چنڊ (Crescent) ٺاهيندو آهي. ھي ويڪرائي ڦاڪ °4 ۽ °5 ڏکڻ ۽ ويڪرائي ڦاڪ °15 ۽ "32°16 اوڀر جي وچ ۾ واقع آهي، ڪنشاسا پنهنجون سرحدون مائي۔نڊومبي، ڪويلو ۽ ڪوانگو صوبن اوڀر سان شيئر ڪري ٿو. ڪانگو درياءَ ان جي الهندي ۽ اترين حدن کي بيان ڪري ٿو. اها ڪانگو جي جمهوريه سان هڪ قدرتي سرحد ٺاهيندو آهي. ڏکڻ ۾ ڪانگو مرڪزي صوبو آهي. نديءَ جي ڀر ۾ برازاويل آهي، جيڪو پاڙيسري جمهوريه ڪانگو جي ننڍي راڄڌاني آهي. هي ڪانگو درياءَ جي چئن ڪلوميٽرن جي طویل اڻ برج واري مفاصلي کان ڌار ٿيڻ جي باوجود، گاديءَ جي شهرن جو دنيا جو ٻيو ويجهو ترين جوڙو ٺاهي رهيو آهي.[17][18][19][20]
ڪنشاسا جمهوري جمهوريه ڪانگو جي 26 صوبن مان هڪ جي طور ڪم ڪري ٿو ۽ اهو انتظامي طور تي 24 ڪميونز ۾ ورهايل آهي، جيڪي اڳتي هلي 365 پاڙن ۾ ورهايل آهن.[21] هڪ وسيع انتظامي علائقي سان، صوبي جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ زمين ڳوٺاڻن رهي ٿي، جڏهن ته شهري ترقي گهڻو ڪري ان جي الهندي پاسي ٿئي ٿي.[22] ڪنشاسا دنيا جو سڀ کان وڏو نامياري فرانڪوفون (فرانسيسي ڳالهائيندڙ) شهري علائقو آهي، جنهن ۾ فرانسيسي ٻولي حڪومت، تعليم، ميڊيا، عوامي خدمتن ۽ اعليٰ درجي جي واپار جي ٻولي آهي. هن شهر جا رهواسي ڪنوئس جي نالي سان مشهور آهن، انگريزي اصطلاح ۾ ڪِنشاسن لفظ استعمال ڪيو ويندو آهي.[4][23][24][25]
ڪنشاسا جی سائٽ تاريخي طور تي صدين تائين ٽیڪي (بنتو) طرفان آباد ڪيو ويو آهي ۽ اهو 18هين ۽ 19ھین صدي جی دوران هڪ تجارتي مرڪز ۾ تبديل ٿيڻ کان اڳ شاسا جي نالي سان مشهور هو.[19][26] هن شهر جو نالو ليوپولڊوِل هينري مورٽن اسٽينلي طرفان بيلجيم جي بادشاھہ ليوپولڊ II جي اعزاز ۾ رکيو ويو.[19][27][28] سال 1966ع ۾ مبوتو سيسي سيڪو جي مقامی نالن جی مهم، زائرینائيزيشن، دوران شاسا (Nshasa) ڳوٺ کي خراج تحسين پيش ڪندي نالو ڪنشاسا تبديل ڪيو ويو.[19]
نيشنل ميوزيم آف دي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو، ڊي آر جو سڀ کان نمايان ۽ مرڪزي عجائب گھر آهي، جنهن ۾ آرٽ، نوادرات، تاريخي شيون ۽ فن جي جديد ڪم جو مجموعو رکيل آهي. ڪاليج آف ايڊوانسڊ اسٽڊيز ان اسٽريٽجي اينڊ ڊیفينس ڊي آر سي ۽ وچ آفريڪا ۾ اعليٰ ترين فوجي ادارو آهي. نيشنل تدريسي يونيورسٽي ڪانگو جي پهرين تدريسي يونيورسٽي آهي ۽ آفريڪا جي اعلي تدريسي يونيورسٽين مان هڪ آهي. انجیلي (N'Djili) انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪانگو ۾ سڀ کان وڏو ايئرپورٽ آهي ۽ مسافرن جي لحاظ کان، روزانو 12 بين الاقوامي پروازن سان، آفريڪا ۾ 37هين نمبر تي آهي.[29] ڊسمبر 2015 ۾، ڪنشاسا کي يونيسڪو پاران موسيقي جو شهر قرار ڏنو ويو ۽ ان وقت کان وٺي تخليقي شهرن جي نيٽ ورڪ جو ميمبر آهي.[30][31] اينسالي وادي پارڪ ڪنشاسا ۾ سڀ کان وڏو شهري پارڪ آهي، جنهن ۾ جانورن ۽ نباتات جي گهڻائي آهي.
سال 2016ع جي سالياني رينڪنگ موجب، ڪنشاسا، غير ملڪي ملازمن لاءِ، 200 عالمي جڳهن کان اڳتي، آفريڪا جو سڀ کان مهانگو شھر آھي.[32][33][34]