هانگ ڪانگ
From Wikipedia, the free encyclopedia
ھانگ ڪانگ(انگريزي: Hong Kong ), عوامي جمهوريه چين جي مخصوص انتظامي ريجن جو نالو آهي جيڪا چين جي ڏکڻ اوڀر ۾ پرل ندي جي ڇوڙ لڳ واقع آهي. ھانگ جي آبادي اٽڪل 74 لک آھي جنھن ۾ ڪيترن ئي قوميتن جا ماڻھو شامل آهن. ان جي پکيڙ 1104 چورس ڪلوميٽر آهي. ھي شھر دنيا جي سڀ کان وڌيڪَ گھاٽي آبادي واري شھرن ۾ شامل آهي. 1842ع ۾ پھريون جنگ آفيم جي پڄاڻي بعد ھي شھر برطانوي ايمپائر جي ڪالوني ٿي ويو[4] 1997ع ۾ ان جو انتظامي اختيار چين جي حوالي ٿيو[5] مخصوص انتظامي ريجن جي حيثيت ڪري ھن شھر جو معاشي نظام چين جي معاشي نظام کان الڳ آھي[6]. ھتان جا ماڻھو پاڻ کي چيني سڏائڻ جي ڀيٽ ۾ ھانگڪانگي يا ھانگڪانگر سڏائڻ پسند ڪندا آهن[7] شروع ۾ ھتي جي آبادي تمام ڇڊي ھئي جنھن ۾ مھاڻن جا ڳوٺ شامل ھئا[4] پر پوء اھو دنيا جو وڏو مالياتي مرڪز ۽ واپاري بندرگاھن وارو شھر بڻجي ويو [8] اھو 2019ع م دنيا ۾ برآمدات ۾ ڏھون نمبر ۽ درآمدات ۾ نائون نمبر وڏو شهر هو[9][10] ۽ دنيا جو ستون وڏو واپاري مرڪز ھيو[9][10] ھانگ ڪانگ جو ڊالر پرڏيهي مٽاسٽا ۾ دنيا جي 13 وڏي واپاري ڪرنسي ھئي[11][12] ھن شھر کي عالمي شھر واري ترتيب ۾ الفا پلس جو درجو ڏنل آهي[13] ھن شھر کي ڪثيرالتعداد فلڪ بوس عمارتن جو شھر پڻ سڏيندا آهن جن مان گھڻي کان گھڻيون وڪٽوريا ھاربر جي چوڌاري واقع آهن[14]. شھر جي 90 سيڪڙو کان مٿي آبادي پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪندڙ آھي.
ھانگ ڪانگ واري مخصوص انتظامي ريجن
| |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: "جانثارن جي پيشقدمي"
| |||||
شھري گل: بَاھُوئِينِيا بِلَيچَيئِنا | |||||
چين ۾ ھانگ ڪانگ جو مقام | |||||
دفتري ٻوليون | |||||
مقامي ٻوليون | ڪينٽوني (ڪينٽونيز) | ||||
دفتري لکت | روايتي چيني
انگريزي الفابيٽ | ||||
نسلي گروھ (2016) | 92.0% ھان 2.5% فلپائني 2.1% انڊونيشيائي 0.8% گورا 2.6% ٻيا | ||||
مقامي آبادي | ھانگڪانگي يا ھانگڪانگر | ||||
حڪومت | سوشلسٽ ريپبلڪ ۾ اختيارن جي منتقلي واري انتظاميه | ||||
• چيف ايگزيڪيوٽو |
ڪيري لئم | ||||
• چيف سيڪريٽري |
مَيٿِيو چَيئَنگ | ||||
• مالياتي سيڪريٽري |
پائل چن | ||||
• سيڪريٽري انصاف |
ٽريسا چينگ | ||||
• صدر ليجسليٽو ڪائونسل |
اينڊريو ليئنگ | ||||
• چيف جسٽس |
جيوفري ما | ||||
مقننه | ليجسليٽو ڪائونسل | ||||
قومي نمائندگي | |||||
• نيشنل پيپلز ڪانگريس |
36 ڊپٽي (ڪانگريس جي ٽوٽل 2,924 ڊپٽين مان) | ||||
• چيني عوام جي سياسي مشاورتي ڪانفرنس |
203 وفد | ||||
مخصوص انتظامي ريجن عوامي جمهوريه چين منجھ | |||||
• برطانوي تسلط |
26 جنوري 1841 | ||||
• نانڪنگ وارو معاھدو |
29 آگسٽ 1842 | ||||
• پيڪنگ وارو ڪنوينشن |
18 آڪٽوبر 1860 | ||||
• ھانگ ڪانگ جي خطي جي توسيع وارو ڪنوينشن |
9 جون 1898 | ||||
• ھانگ ڪانگ تي جاپاني تسلط |
25 ڊسمبر 1941 to 30 آگسٽ 1945 | ||||
• چيني ۽ برطانوي مشترڪه پڌرنامو |
19 ڊسمبر 1984 | ||||
• ھانگ ڪانگ جي اقتدار جي منتقلي (برطانيا کان) |
1 جولاء 1997 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
[اوزا تبديل: invalid number] (168th) | ||||
• پاڻي (%) |
3.16 (35 km2; 13.51 sq mi)[1] | ||||
آبادي | |||||
• 2018 اندازو |
7,482,500[2] (102nd) | ||||
• گھاٽائي |
[اوزا تبديل: invalid number] (4th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019[3] لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$502 ارب ڊالر (44th) | ||||
• في سيڪڙو |
$66,517 (10th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019[3] لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$381 ارب ڊالر (35th) |