ماسڪو
روس جي گادي / From Wikipedia, the free encyclopedia
ماسڪو (روسي ٻولي: Москва، انگريزي ٻولي: Moscow) روس جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سياسي، اقتصادي، تجارتي، تعليمي ۽ اچ وڃ جو مرڪز آھي. ھي یورپ کنڊ جو سڀ کان وڏو شھر بہ آھي. هي شهر وچ روس ۾ موسڪووا نديءَ تي بيٺل آهي، جنهن جي آبادي جو ڪاٿو شهر جي حدن اندر ھک کروڑ تیھ لک (13.0 ملين) رهواسين تي آهي،[1] شهري علائقي ۾ ھک کروڑ 88 لک (18.8 ملين) کان وڌيڪ رهواسي،[2] ۽ ميٽرو پوليٽن علائقي ۾ بہ کروڑ 15 لک (21.5 ملين) کان وڌيڪ رهواسي آهن.[3] هي شهر 2,511 چورس ڪلوميٽر (970 اسڪوائر ميل) جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، جڏهن ته شهري علائقو 5,891 چورس ڪلوميٽر (2,275 اسڪوائر ميل) تي پکڙيل آهي،[4] ۽ ميٽروپوليٽن علائقو 26,000 چورس ڪلوميٽر (10,000 اسڪوائر ميل) تي پکڙيل آهي.[5] ماسڪو دنيا جي سڀ کان وڏن شهرن مان هڪ آهي، جيڪو پوري ريت يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر، يورپ ۾ سڀ کان وڏو شهر ۽ ميٽروپوليٽن علائقو آهي،[6][7] ۽ يورپي وڏي کنڊ تي زميني ايراضي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو شهر آهي.[8]
ماسڪو | ||
---|---|---|
Clockwise from top right: ڪريملن جو اسپاسڪايا ٽاور; ماسڪو انٽرنيشنل بزنس سينٽر; سينٽ باسلز ڪيٿيڊرل، ريڊ اسڪوائر; بولشاء ٿيئيٽر
| ||
| ||
ترانو: My Moscow | ||
جاگرافي بيهڪ: 55°45′N 37°37′E | ||
حڪومت | ||
• ميئر | سرجي سوبيانن |