لاھور
پنجاب جي گادي جو هنڌ / From Wikipedia, the free encyclopedia
لاھور (انگريزي: Lahore ) پاڪستان جي صوبي پنجاب جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آھي. آبادي ۽ پکيڙ ۾ ڪراچي کان پوءِ پاڪستان جو ٻيون نمبر سڀ کان وڏو شهر آهي. آبادي م دنيا جو 26ھون وڏو شھر آھي[4]. پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو مالدار شھر آھي. ان جي مساوي قوت خريد واري جي ڊي پي جو تخمينو 2019 ۾ 84 ارب ڊالر ھيو[5][6] ھي شھر پنجاب جو تاريخي ثقافتي مرڪز آهي[7][8][9][10] ۽ پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪَ معاشرتي اعتدال پسندي[11] ترقي پسند خيالن وارو[12] ڪاسموپوليٽن شھر آھي[13] ھي شھر پاڪستان جي دل سڏبو آهي. ننڍي کنڊ ۾ ھڪ مشھور چوڻي ھئي تہ: جنھن لاھور نہ ڏٺو آھي اھو پيدا ئي نه ٿيو آھي. ون يونٽ واري دؤر (1956ع کان 1970ع تائين) ۾ ھي شھر مغربي پاڪستان جو گادي جو ھنڌ رھيو.
لاھور لہور لاہور | |
---|---|
ميٽروپولس | |
مٿان ساڄي پاسي کان: لاھور جو قلعو، شاليمار باغ، لاھور جو عجائب گھر، بادشاھي مسجد، قائد اعظم لائبريري، مينار پاڪستان . | |
پاڪستان جي پنجاب ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 31°32′59″N 74°20′37″E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | پنجاب |
ضلعو | لاھور |
ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن | 2013 |
نالو پيو | Lava[1] |
شھري ڪائونسل | پاڪستان |
شھر | 10 |
حڪومت | |
• ميئر | مبشر جاويد |
• ڊپٽي ميئر | لاھور جا 9 زونل ميئر |
پکيڙ[2] | |
• ڪل | 550 ڪ.م2 (210 ميل2) |
بلندي | 217 ميل (712 ft) |
آبادي (2017ع)[3] | |
• ڪل | 11,126,285 |
لاھور جو پاڪستاني ثقافتي تي ڳوڙهو اثر رھيو آھي[7]. اھو پاڪستان جي اشاعتي صنعت ۽ ادب ۽ تعليم جو مرڪز رھيو آھي[14] ھتي پاڪستان جون ھراول درسگاهون واقع آهن[15] ھي شھر پاڪستان جي فلمي صنعت جو پڻ مرڪز آھي جنھن کي لاليووڊ پڻ لاھور جي نسبت سان سڏيو ويندو آهي. شھر پاڪستان ۾ قوالي جو پڻ مرڪز آھي[16] شھر پاڪستان م سياحت جي صنعت جو پڻ اھم مرڪز آھي[16][17] اتي لاھور جو ڪوٽ وارو حصو، مشھور بادشاھي مسجد، وزير خان مسجد، سکن جون مختلف زيارتن واريون جڳھون، صوفي اوليائن جون درگاهون، شاھي قلعو، شاليمار باغ نہ رڳو سياحن جي توجھ وٽان آھن پر انھن مان اڪثر يونيسڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنل آھن.[17]