بينڪاڪ
ٿائلينڊ جو راڄڌاني شهر / From Wikipedia, the free encyclopedia
بينڪاڪ (Bangkok)[5][6][6][7] ٿائي لينڊ جو راڄڌاني ۽ سڀ کان وڏي آباديءَ وارو شهر آهي. هي ٿائي ٻولي ۾ ڪرونگ ٿيپ مها نکون يا فقط ڪرونگ ٿيپ جي نالي سان سُڃاتو ويندو آهي. مرڪزي ٿائلينڊ ۾ چائو فرايا درياء ڊيلٽا ۾ شهر جي پکيڙ 1،568.7 چورس ڪلوميٽرَ (605.7 چورس ميل) آهي ۽ ان جي آبادي 80 لک کان مٿي يا ڪُلَ مُلڪي آباديءَ منجهان 12.6 سيڪڙو آبادي آهي. سال 2010ع جي مردم شماري مطابق بنڪاڪ ميٽروپوليٽن ريجن ۾ چوڏهن ملين کان وَڌيڪ ماڻهو (22.2 سيڪڙو) رهن ٿا، جنهن سان بينڪاڪ ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر بڻيل آهي، هي شهر ٿائيلينڊ جي ٻين شهري مرڪزن جي ڀيٽ ۾ قومي معيشت ۽ مقدار ٻنهين جي لحاظ کان نمايان طور اهميت رکي ٿو.
بينڪاڪ กรุงเทพมหานคร Krung Thep Maha Nakhon | |||
---|---|---|---|
خاص administrative area | |||
گهڙيال جي ساڄي پاسي مٿان کان: سي لوم–ساٿون ضلعو ڪاروباري ضلعو, دي جائنٽ تمام وڏي پِينگهَہ, وڪٽري مانيومينٽ, راما اٺون پُل, واٽ ارون, ۽ دي وڏو محل | |||
| |||
Location within Thailand | |||
جاگرافي بيهڪ: 13°45′09″N 100°29′39″E[1] | |||
Country | ٿائلينڊ | ||
ريجنس آف ٿائي لينڊ | سينٽرل | ||
چُڪتو ٿيل | c. پندرنهين هين صدي | ||
راڄڌاني (ڪيپيٽل) طور قائم ٿيو | اپريل 21، 1782 | ||
ٻيهر-جُڙيو | ڊسمبر 13، 1972 | ||
قيام | راجا راما پهريون | ||
انتظامي ادارو | بينڪاڪ ميٽروپوليٽن ايڊمنسٽريشن | ||
حڪومت | |||
• قسم | خاص انتظامي علائقو | ||
• گورنر، حاڪم | اشون ڪووانموانگ | ||
پکيڙ[1] | |||
• شهر | 1,568.737 ڪ.م2 (605.693 ميل2) | ||
• ميٽرو[2] | 7,761.6 ڪ.م2 (2,996.8 ميل2) | ||
بلندي[3] | 1.5 ميل (4.9 ft) | ||
آبادي (مردم شماري 2010 census)[4] | |||
• شهر | 8,305,218 |
بينڪاڪ 15 هين صدي ۾ ايوٿيا بادشاهت دوران پنهنجيون پاڙيون هڪ ننڍڙي واپاري پوسٽ طور کوڙيون، جيڪي نيٺ اڳتي وَڌيون ۽: 1768 ۾ ٿونبوري ۽ 1782 ۾ رتناڪسن ٻن راڄڌانين جي گاديءَ جو هنڌ بڻجي ويو. سيام، جيڪو پوءِ 19 هين صدي جي آخر ۾ ٿائلينڊ نالو سان تبديل ڪيو ويو، ڇاڪاڻ تہ ان ملڪ کي اولهه جي دٻاءُ کي مُنهن ڏسڻو پيو، بينڪاڪ سيام جي جديد ڪاري (ماڊرنائزيشن) جو مرڪز هيو.هي شهر 20 هين صديءَ ۾ ٿائلينڊ جي سياسي جدوجهد جو مرڪز هيو، تنهنڪري ان شهر ۾ انيڪ فوجي بغاوتون، اٽڪل بازيون ۽ ڪيترائي هلڙ هنگاما ٿيا ۽ ملڪ منجهان خودمختيار بادشاهت جو انتُ آندو ويو، ۽ آئيني حڪمراني جو بنياد وِڌو ويو.هي شهر سال 1960 کان 1980 جي ڏهاڪن دوران ڦڙتيءَ سان اڳتي وَڌيو ۽ هاڻي ٿائيلينڊ جي سياست، معيشيت، تعليم، ميڊيا ۽ جديد سماج تي نمايان اثر وجهي ٿو.
1980 ۽ 1990 جي ڏهاڪن ۾ ايشين سِيڙَپَ جي تيزيءَ سبب ڪيتريون ئي ملٽينيشنل ڪارپوريشنن بئنڪاڪ ۾ پنهنجيون علائقائي صدر دفتر ڳولها ڪرڻ تي مجبور ٿيون.هي شهر هاڻي ناڻو (فنانس) ۽ ڪاروبار جي هڪ علائقائي طاقت آهي.هي شهر اچ وڃ (ٽرانسپورٽ) ۽ صيحت جي سَارَسنڀال جي لاءِ هڪ عالمي مرڪز آهي، ۽ آرٽس، ٺٺ ٺاه (رواج، فيشن) ۽ وِندُرَ جو تفريحي مرڪز طور اڀريو آهي. هي شهر پنهنجي اسٽريٽ لائف ۽ ثقافتي نشانن سان گڏوگڏ شهر جي ڳاڙهي بازارن ۽ چڪلو ضلعن (ريڊ لائٽس ڊسٽرڪٽس) جي لاءِ پڻ سُڃاتو ويندو آهي.واٽ ارون ۽ واٽ ڦو اِسٽينڊ (اڏو) سميت گرينڊ پيلئس ۽ ٻڌمت جا مندرَ ٻيا سياحتي ماڳ جهڙوڪ کوسان روڊ ۽ پيٽپونگ جي رات واري زندگي (نائٽ لائف) منظرن جي ڀيٽ ڏسڻ وٽان آهن.بينڪاڪ دنيا جي اعليٰ سياحتي ماڳن منجهان هڪ آهي، ۽ انکي انيڪ عالمي درجابندي ۾ مستقل طور دنيا جو سڀ کان وَڌيڪ گُهمَڻ وارو شهر جو نالو ڏنو ويو آهي.
بينڪاڪ جي تيزرفتار ترقيءَ سان گڏوگڏ شهري رِٿابندي (اربن پلاننگ) ۾ پڻ گهٽتائي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ شهر جو هڪ بي ڊولو اَڏاوتي منظر ۽ اَڻَپُورو انفراسٽرڪچر جو نتيجو نڪتو آهي.هڪ ڪشادو ايڪسپريس وي نيٽ ورڪ، نجي ڪار جي گهڻي استعمال سان گڏوگڏ، اَڻَپُوري سڙڪ جي نيٽ ورڪ سبب، ڊگهو جهونو ۽ جڏو گھماؤ ڦيراءَ جي سبب ٽريفڪ اچ وڃ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي، جنهنڪري 1990 جي ڏهاڪو ۾ هوا جي شديد گدلاڻ ٿي هُئي.ان مسئلي جي حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هِن شهر ٻيهر عوامي ٽريفڪ کي مُنهن ڏنو.قومي حڪومت ۽ بينڪاڪ ميٽروپوليٽن انتظاميا جي انتظام هيٺ يا رٿابند وَڌيڪ نظامن سميت هاڻي پنج تيز ٽرانزٽ لائنز ڪم ۾ لڳل آهن