آڙو
From Wikipedia, the free encyclopedia
آڙو يا شفتالو (انگريزي: Peach) جنھن جو نباتاتي نالو پرونس پرسيڪا (انگريزي: Prunus persica) اتر اولھ چين جو مقامي ميوو آهي.[2] فارس هن جي وڏي پيماني تي پوک ڪئي ويندي هئي جتان هي يورپ ۾ پهتو.
آڙو شفتالو | |
---|---|
آڙو جو گل، ميوو، ٻج ۽ پن | |
سرء جي موسم وارا ڳاڙھا آڙو، ڪٽيل آڙو | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | Prunus subg. Amygdalus |
جنس: | Template:Taxonomy/Prunus subg. Amygdalus{. پرسيڪا |
حياتياتي نالو | |
پرونس پرسيڪا (ڪارل لينيوئس) آگسٽ بيٽسچ 1801 not Stokes 1812 nor (L.) Siebold & Zucc. 1845[1] | |
هن کي انگريزيءَ ۾ پِيچ ۽ فارسيءَ ۾ شفتالو، هندستانيءَ ۾ آڙو يا آلو سڏيندا آهن. هي ميوو اصلي ايران جو آهي، هن جا هاڻي ته گهڻا ئي قسم ٿي پيا آهن. وڻ ۾ جلد ميون پچڻ لاءِ هيئن ڪندا آهن، جو سانوڻ کان پوءِ ٿڙ کان ڏيڍ فوٽ کن چوڌاري، مٽي ڪڍي پاڙون اگهاڙيون ڪري ڇڏيندا آهن، ته پنج ڇهه هفتا ڀلي هوا کائن ۽ خشڪ ٿين. جي وڻ تمام گهاٽا ٿي ويا هجن ۽ جهنگ ڪيو هجين، ته انهن جي ڇانگ ڪري ڇڏجي. تنهن کان پوءِ پاڙن کي ڪنهن عمدي ڀاڻ سان ڀري ڇڏجي. يا ته اڃا به چڱو رستو اهو آهي، ته پاڙن تي وري به سڪي مٽي ورائي ڇڏجي. جڏهن ٻور جهلڻ ۽ ڦر ڪرڻ لڳن، (يعني فيبروريءَ مهيني ڌاري) تڏهن اها وڌل مٽي پاسي ڪري ڇيڻي يا ِلڏ جو پراڻو ڀاڻ تازيءَ مٽيءَ سان گڏي وجهي ڇڏجي. پهرين ٿورو ٿورو پاڻي ڏجي؛ پوءِ جيئن ميوو وڏو ٿيندو وڃي. تيئن پاڻي وڌائيندو وڃجي. ميوو پڇڻ لڳي تنهن کان اڳي اصل پاڻي کڻي جهلجي.[3]
هنن ميون جا ککڙا سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهيني ۾ کليل زمين ۾ پوکڻ گهرجن. فيبروريءَ ۾ ننڍا وڻ چڱو وڌڻ لڳندا ۽ اهڙا ئي چڱا ٿيندا جهڙا پيوند ڪيل وڻ. جي فيبروريءَ ۾ وڻ ٿيا ته جون ۽ جولاءِ ۾ پيوند ڪرڻ ۽ اکين هڻڻ جهڙا ٿيندا ۽ ايندڙ سياري جي موسم ۾، انهن جون چڪيون ڪڍي باغ ۾ مناسب جاءِ تي رکڻ جهڙيون ٿيندون. پوءِ ٻن ورهين جي عرصي ۾ ڦر جهليندا.
هن وڻ جون پاڙون هيٺ نه وڃن ۽ مٿي ڀريون جيترو رهن اوترو چڱو. انهيءَ لاءِ بعضي ماڻهو، چڪيءَ رکڻ کان اڳي کڏ جي تري ۾ سرون وڇائي ڇڏيندا آهن.[3] هن ميوي جي هڪڙي قسم کي انگريزيءَ ۾ نيڪٽِرين چون ٿا. انهيءَ ۾ رڳي اها خاصيت آهي ته ميوي جي ڳر ککڙيءَ سان چنبڙي پئي آهي.[3]