ڊينمارڪ
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڊينمارڪ(انگريزي: Denmark) سانچو:Lang-da, سانچو:IPA-da ˈdanmɑɡ جنھن جو سرڪاري نالو ڪنگڊم آف ڊينمارڪ آھي اسڪينڊينيويا جو ڏکڻ طرف نارڊڪ ملڪ آھي. ھي ھڪ خودمختيار رياست آھي جيڪا سويڊن جي ڏکڻ اولھ ۽ ناروي جي ڏکڻ ۾ واقع آھي[10]. ھن ملڪ جي زميني سرحد ڏکڻ ۾ جرمني سان ملي ٿي. ھن ملڪ م گرين لينڊ ۽ فوري ٻيٽ(انگريزي: Faroe Islands) پڻ شامل آهن جيڪي اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ واقع آھن.
ڪنگڊم آف ڊينمارڪ | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: Der er et yndigt land Kong Christian stod ved højen mast[N 1] King Christian stood by the lofty mast | |||||
ڊينمارڪ جي بادشاھت گرين لينڊ سميت(سائي رنگ سان ڏيکاريل). دائري ۾ فوري وارا ٻيٽ | |||||
مڪانيت ڊينمارڪ (تيز سائو) – يورپ ۾ (سائو & تيز ڀورو رنگ) | |||||
گادي جو هنڌ | ڪوپن هيگن 55°43′N 12°34′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | ڪوپن هيگن | ||||
دفتري ٻوليون | ڊينش | ||||
تسلیم ٿيل مقامي ٻوليون | فيروئيس گرين لينڊڪ | ||||
مذهب |
| ||||
مقامي آبادي |
| ||||
حڪومت | وحداني پارليامينٽري آئيني بادشاهت | ||||
• شاھي سربراھ |
Frederik X | ||||
• وزيراعظم |
لارس لوڪي راسموسن | ||||
مقننه | فوڪيٽنگ | ||||
ڊينمارڪ جي تاريخ | |||||
• ڊينمارڪ جو استحڪام (وچولو دؤر) |
اٺين صدي [3] | ||||
• ڊينمارڪ جو آئين |
5 جون 1849 | ||||
• رياستي اتحاد |
24 مارچ 1948[4] | ||||
پکيڙ | |||||
• ميٽروپوليٽن |
42٬933 km2 (16٬577 sq mi)[5] (130th) | ||||
• سموري بادشاھت |
2٬220.93 km2 (857.51 sq mi) (12th) | ||||
آبادي | |||||
• 2018 اندازو |
5,806,015[6] (112th) | ||||
• فوري وارا ٻيٽ |
50,498[7] | ||||
• گرين لينڊ |
55,860[8] | ||||
• گھاٽائي (Denmark) |
134.76 /km2 (349.0 /sq mi) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$299.166 ارب ڊالر[9][N 2] (52nd) | ||||
• في سيڪڙو |
$51,643[9] (19th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$369.760 ارب ڊالر [9][N 2] (34th) |
ھي ملڪ دراصل ھڪ اپٻيٽ(انگريزي: peninsula) آھي جنھن جا 443 ٻيٽ پڻ آهي[11] جن ۾ وڏا ٻيٽ زيلينڊ، فونين . بارن ھوم ۽ اتر جوٽلينڊڪ ٻيٽ وڏي سائيز جا آھن.
اھي ٻيٽ ھموار زمين، پوکي لائق زمين ۽ وارياسي سامونڊي ڪنارن وارا آھن. سمنڊ کان گھٽ بلندي وارا آھن جن جي موسم ٽيمپريٽ آھي.ملڪ جي پکيڙ 42394 چورس ڪلوميٽر آهي. گرين لينڊ ۽ فوري ٻيٽن سميت ملڪ جي ايراضي 2210579 چورس ڪلوميٽر آهي.ملڪ جي آبادي 5.8 ملين آھي. [12] ھي ملڪ نيٽو، نارڊڪ ڪائونسل، او.اي.سي.ڊي.، او.ايس.سي.اي. ۽ اقوام متحدہجو باني رڪن آهي. ملڪ شينجين واري خطي جو پڻ حصو آهي. ملڪ جو شمار دنيا اندر معاشرتي ۽ معاشي طور تي سڀ کان وڌيڪ ترقي يافتہ ملڪن ۾ ٿئي ٿو ۽ ھتان جي ماڻھن جي زندگيءَ جو معيار ھر شعبي ۾ بلند ترين آھي ۽ ھن ملڪ ۾ رشوت خوري سڄي دنيا ۾ سڀ کان ھيٺين سطح تي آهي.