آبادي جي لحاظ کان ملڪن ۽ تابعدار رياستن جي فهرست
وڪيپيڊيا فهرست مضمون / From Wikipedia, the free encyclopedia
هي آبادي جي لحاظ سان دنيا جي ملڪن جي فهرست آهي۔ هن فهرست ۾ دنيا جي آزاد ملڪن ۽ ٻين ملڪن جي زير انتظام اهي علائقا شامل آهن جنکي داخلي خودمختياري حاصل آهي۔ جتي به ممڪن ٿيو، انگ اکر ملڪن جي پنهنجي مردم شماري جي ادارن جي تازه ترين تخمينن مان حاصل ڪيا ويا آهن ۔ ٻي صورت ۾، گڏيل قومن جي 2007ء جي آبادي جو تخمينو درج ڪيو ويو آهي۔
جيئن ته تمام ملڪن ۾ مردم شماري هڪ وقت ۾ نه ٿيندي آهي، ۽ نه ئي هر جڳهه هڪ جهڙو احتياط ڪيو ويندو آهي، هيٺ ڏنل درجي بندي () ۾ ڪجهه غلطيون ٿي سگهن ٿيون۔ تقابلي جي لاءِ ڪجهه نيم خودمختيار علائقن کي هتي شامل ته ا ڪيو ويو آهي، پر درجي بندي صرف خودمختيار ملڪن جي ڪئي وئي آهي ۔
هي دنيا جي ملڪن جي آبادي جي لحاظ سان فهرست آهي۔ تمام تر انگ اکر سي آءِ اي ورلڊ فيڪٽ بڪ 2003 مان ورتا ويا آهن۔ ان سان گڏوگڏ رقبي، الف ب وار ۽ ڪل پيداوار جي لحاظ سان ملڪن جون فهرستون به موجود آهن۔
هن فهرست ۾ جولاءِ 2003 ۾ ملڪن جي آبادي جا اندازي انگ اکر آهن۔ ان جي حساب سان دنيا جي تقريباً اڌ آبادي صرف پنج ملڪن چين، ڀارت، پاڪستان، بنگلا ديش ۽ انڊونيشيا ۾ رهي ٿي.[1]