ڪوالالمپور
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪوالالمپور (Kuala Lumpur)، سرڪاري طور تي ڪوالالمپور جو وفاقي علائقو (ملائي: Wilayah Persekutuan Kuala Lumpur)، ملائيشيا جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اهو ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر آهي، جيڪو 243 چورس ڪلوميٽر (94 چورس ميل) جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ سال 2022ع جي آدمشماري موجب 21,63,000 آبادي آهي. گريٽر ڪوالالمپور، جيڪو ڪلانگ وادي جي نالي سان پڻ مشهور آهي، سال 2023ع تائين 86 لک 22 هزار (8.622 ملين) ماڻهن جی شهري آبادي آهي. اهو ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾، ٻنهي جي آبادي ۽ اقتصادي ترقي ۾، تيز ترين وڌندڙ ميٽروپوليٽن علائقن مان آهي. ڪلانگ وادي (ڪوالا لمپور) سنگاپور، جڪارتا، بئنڪاڪ ۽ منيلا کان پوءِ آسيان جي پنجين وڏي معيشت آهي.
هي وڪيپيڊيا جو روان سڌارو لاءِ مضمون آهي – ۽ توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگهو ٿا ان کي سنواريو! توهان ان کي ڪيئن بهترڪري سگهو ٿا، ان بابت انهيءَ جي بحث صفحو تي بحث ڪريو ۽ مدد ڊيسڪ يا چانهہ گهر تي سوال پُڇو. |
سیبانگ نالي بين القوامي هوائي اڏو توڙي پورٽ ڪیلانگ نالي بندرگاهه اٿس. منجهس ڪيتريون ئي يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا آهن. ڌارين ملڪن جا سفارتخانا توڙي هوائي ڪمپنين جون آفيسون ۽ ڪيتريون ئي وڏيون هوٽلون پڻ ڪوالالمپور شهر ۾ آهن. ڪوالالمپور شهر هوائي اڏي ۽ سامونڊي رستي دنيا جي ملڪن سان ڳنڍيل آهي. ان کان سواءِ ڪوالالمپور جو شهر ريل گاڏي ۽ بسن ذريعي نه رڳو ملائيشيا جي مختلف شهرن سان ڳنڍيل آهي، ڀر وارن ملڪن؛ سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ جي ڪيترن ئي شهرن سان پڻ ڳنڍيو پيو آهي. ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن تي ۽ پودورايا واري بس اسٽاپ تي سنگاپور ۽ ٿائیلینڊ جي شهرن؛ ھیديائی، سونگکلا، پتايا ۽ بئنڪاڪ لاءِ بس هلن ٿيون. ڪوالالمپور ۾ رهائش لاءِ هر قسم جون هوٽلون موجود آهن. سياسي ۽ سماجي حالتون پڻ بهتر ۽ سڌريل آهن. ان ڪري پَري پَري کان ماڻهو ڪولالمپور اچن ٿا. ڪوالالمپور واري پاسي رٻڙ جي وڻ جا باغ جام آهن. تنهنڪري اُتي صبح سوير عورتون وڻن جي ٿڙ کي چيهڪ ڏينديون آهن ۽ کير ٽيپو ٽيپو ٿي هيٺ ٽنگيل وٽيءَ ۾ گڏ ٿئي ٿو ۽ پوءِ اهي سڀ وٽيون هڪ وڏي ڊرم ۾ وجهي ان مان رٻڙ جون اڇيون چادرون ٺاهيون وڃن ٿيون، جيڪي پوءِ رٻڙ جي مختلف شين ٺاهڻ ۾ ڪم اچن ٿيون.