ھائيڊرا (جاندار)
From Wikipedia, the free encyclopedia
ھائيڊرا (Hydra:/ˈhaɪdrə/) ھڪ تازي پاڻيء جو نائڊيريا يا نداريا (Cnidaria) فائلم (phylum) ۽ ھائيڊروزوئا (Hydrozoa) ڪلاس تعلق رکندڙ جاندار آھي. جيڪو ٽيمپريٽ ۽ ٽراپيڪل علائقن ۾ رھندڙ آھي.[2][3] ھي جاندار خوردبيني سان چڱيءَ طرح ڏسي سگهجي ٿو. ان جو جسم سيلينڊر وانگر آهي سندس ھڪ ڇيڙي جي آخر ۾ ھڪ سوراخ آھي جيڪو ان جو وات سڏبو آهي ۽ اھو ڪيترن ئي ڌاڳي نما بناوتن ٽينٽيڪلس سان ويڙھيل ھوندو آھي. ٽينٽيڪلس ۽ ٻاھرين تھ تي ڪيترائي زھريلا ڏنگيندڙ جيو گھرڙا (stinging cells) ٿين ٿا، جن سان ھو پنھنجي حفاظت ۽ شڪار ڪري ٿو. ھن جو وات ھڪ پوري خال يا سيلينٽران (coelenterons) ۾ کلي ٿو ۽ اھو جسم جي اندر ٿئي ٿو جتي شڪار کي ھضم ڪندو آهي. ھائيڊرا جي جسم جو آخري حصو اڪثر پاڻيءَ ۾ ڪنھن جسم سان چنبڙيل ھوندو آھي.
ترت ڄاڻ ھائيڊرا, سائنسي درجا بندي ...
ھائيڊرا | |
---|---|
ھائيڊرا ھڪ جنس | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | ھائیڊرا |
جنس[1] | |
List
|
بند ڪريو