گروپ پندرنهن
تنظيم / From Wikipedia, the free encyclopedia
گروپ پندرنهن يا گروپ ففٽين انگريزي ٻولي: Group Fifteen - G15، مخفف: جي 15)، دنيا جي اڀرندڙ، ترقي ڪندڙ ۽ اُسرندڙ ملڪن جي تنظيم سيپٽمبر 1989ع ۾ ٺاهي ويئي هئي. جنهن جو مقصد ترقي ڪيل يا اُسريل ملڪن طرفان جوڙيل تنظيم G-7 جي بالادستيءَ خلاف رد عمل ظاهر ڪرڻ هو. هن تنظيم جي ميمبرن هڪ ٻئي سان اقتصادي معاملن ۾ سهڪار وڌائڻ جو واعدو ڪيو هو. الجزائر، ارجنٽينا، مصر، برازيل، ڀارت، انڊونيشيا، جميڪا، ملائيشيا، ميڪسيڪو، نائجيريا، پيرو، سينيگال، وينزويلا، يوگوسلاويا ۽ زمبابوي هن تنظيم جا ميمبر آهن. [3] []
ترت ڄاڻ گروپ پندرنهن, تشڪيل ...
گروپ پندرنهن | |
---|---|
گروپ 15 جا رُڪن ملڪ نقشي ۾ ڏيکاريل [1] | |
تشڪيل | 1989 1990 (گڏجاڻي) |
مقصد | اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ رابطن جي موثر بحالي[2] |
مقام | جنيوا، سوئيزرلينڊ |
رڪنيت | |
موجوده سربراه ملڪ |
ڪينيا |
ويب سائٽ | www.g15.org |
بند ڪريو