ڪيليفورنيائي ڪرنگھيدار لوبسٽر
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪيليفورنيا جو ڪرنگھيدار لوبسٽر (انگريزي: California spiny lobster ) جنھن جو حياتياتي نالو پينوليرس انٽرپٽس آھي ڪرنگھيدار لوبسٽر جي ھڪ جنس آھي جيڪو ڪيليفورنيا واري سمنڊ، مونٽري سمنڊ، ٽھئانٽپيڪ سمنڊ ۽ ميڪسيڪو جي سمنڊ ۾ ملندا آهن. ھي لوبسٽر 30 cm (12 in) تائين ڊگھا ٿيندا آهن. اھي ڳاڙھسرا ناسي رنگ جا ٿين ٿا ۽ انھن جي ٽنگن تي پٽا ۽ اينٽينائن جو جوڙو ھوندو اٿن پر انھن کي نوڪدار چنبا ڪانہ ھوندا اٿن. ان جي مادي 680000 انڊا ڏيندي آهي جيڪي ڏھن ھفتن کان پوءِ ڦٽندا آهن جن مان سڌا فلوسوما لاروا نڪرندا آھن
هي هڪ يتيم صفحو آهي جنهن کي ٻين صفحن مان ڳنڍڻو نه ملي رهيو آهي۔ براه ڪرم مقالن ۾ ان جو ڳنڍڻو داخل ڪرڻ ۾ مدد ڪريو۔ |
ترت ڄاڻ ڪيليفورنيائي ڪرنگھيدار لوبسٽر, ماحولياتي تحفظ ۾ مقام ...
ڪيليفورنيائي ڪرنگھيدار لوبسٽر | |
---|---|
سائنسي درجا بندي | |
ڪنگڊم: | جاندار |
تقسم: | آرٿروپاڊ |
ذيلي تقسيم: | ڪرسٽيسئن |
درجو: | ميلاڪوسٽريڪا |
ترتيب: | ڊيڪاپوڊ |
Infraorder: | اچيلٽا |
خاندان: | ڪرنگھيدار لوبسٽر |
نسل: | پينوليرس |
جنس: | پي. انٽرپٽس |
حياتياتي نالو | |
پينوليرس انٽرپٽس (جان وٽ رئنڊل, 1840) [1] | |
مکيہ علائقا ڳاڙهي رنگ سان جتي ھي جاندار ڪثرت سان ملي ٿو؛ محيط علائقو تيز ڳاڙھو | |
هم معنيٰ | |
Palinurus interruptus J. W. Randall, 1840 |
بند ڪريو
ھن جنس جي مادي جي جنسي بلوغت وقت ڊيگھ65–69 مليميٽر (2.6–2.7 in) ھوندي آھي ۽ ان جي عمر 5 کان 9 سال ھوندي آھي. نر 3 کان 6/ سالن ۾ بالغ ٿي ويندو آهي. خيال آھي تہ ھن جنس وارا لوبسٽر 50 سالن تائين زنده رھندا آھن.