ڪيف
From Wikipedia, the free encyclopedia
خيو يا ڪئيف (انگريزي: Kyiv ) يورپ جي ملڪ يوڪرين جو گاديءَ جو هنڌ ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو شھر آھي جيڪو ان ملڪ جي وچ اتر ۾ نيپر ندي (Dnieper river) تي واقع آھي جنھن ۾ اٽڪل 30 لک ماڻھو رھندڙ آھن. پھرين جنوري 2021 تي ھن شھر جي آبادي 29,62,180 ھئي[3]. ھي شھر يوڪرين سميت يورپ جو صنعتي، سائنسي، تعليمي ۽ ثقافتي سرگرمين جو ھڪ وڏو مرڪز آهي. ھي شھر 1934ع کان وٺي لاڳيتو سوويت يوڪرين ۽ پوء جمھوريۂ يوڪرين جي گادي جو هنڌ رھيو آھي. ھي مخصوص درجي وارو شھر چوڌاري خيو اوبلاسٽ سان گهيريل آهي. نيپر ندي ھن شھر جي وچ مان گذري ڪاري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. شھر جي گورنر کي ملڪ جو صدر مقرر ڪندو آهي. شھري ڪائونسل جو سربراھ شھر جي ميئر ھوندو آھي جنھن جي چونڊ شھري عام ووٽن ذريعي ڪندا آهن. انتظامي طور تي شھر 8 ريئن يا ضلعن ۾ تقسيم ٿيل آهي. ھن شھر ۾ ڪيترائي عظيم ماڻھو ۽ سائنسدان پيدا ٿيا ۽ رھيا. سياسي ۽ معاشي اھميت کان علاوه ، خيو ھڪڙو اوڀر يورپ جي آرٿوڊوڪس عيسائيت جي مذھبي مرڪزن مان
ھڪ آھي. شھر جا سياسي مرڪز ۽ غير ملڪي سفارتخاني جون آفيسون ۽ انتظامي مرڪز اسٽييوٽيونسڪي ضلعي ۾ آھن. اھو ملڪ جي اتر ۾ واقع آھي ۽ استنبول ، ماسڪو ، لنڊن ، سينٽ پيٽرس برگ ، برلن ۽ ميڊريڊ کان پوءِ يورپ ۾ ستين نمبر تي وڏي آبادي وارو شھر آھي.
خيو ڪئيف Kiev | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
مخصوص درجي وارو شھر | |||||||
مٿان کان ھيٺ, کاٻي کان ساڄي (مٿان کاٻي پاسي کان): ورخاونا رادا, ڪيئيف پيچرسڪ لاورا, ريڊ يونيورسٽي بلڊنگ
, چائميرس وارو گھر, بوھڊان کميلنٽسڪاء وارو يادگار, آزادي وارو چوڪ | |||||||
| |||||||
يوڪرين ۾ خيو | |||||||
جاگرافي بيهڪ: 50°27′00″N 30°31′24″E | |||||||
ملڪ | يوڪرين | ||||||
ميونسپلٽي | خيو سٽي ميونسپلٽي | ||||||
بنياد | 482ع ۾ (سرڪاري طور)[1] | ||||||
شھري ڪائونسل | خيو سٽي ڪائونسل | ||||||
ريئن | List of 10
| ||||||
حڪومت | |||||||
• ميئر | وٽالي ڪلچڪو | ||||||
پکيڙ | |||||||
• مخصوص درجي وارو شھر | 839 ڪ.م2 (324 ميل2) | ||||||
بلندي | 179 ميل (587 ft) | ||||||
آبادي (1 جنوري 2020) | |||||||
• مخصوص درجي وارو شھر | 2,967,360[2] |