ڪوروناوائرس روڳ 2019
انسانن ۾ زونوٽڪ ساهه جي سينڊروم ۽ متعدي بيماري، سارس ڪورونا وائرس 2 جي سبب کان zoonotic respiratory syndrome and infectious disease in humans, caused by SARS coronavirus 2 / From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪورونا وائرس جو مرض 2019 (COVID-19) هڪ پکڙجندڙ بيماري آهي جيڪا انتهائي موتمار تنفسي سينڊروم ڪورونا وائرس 2 (SARS-CoV-2) منجهان ٿيندي آهي.[9] هي مرض سموري دنيا ۾ سال 2019 کان وٺي پکڙجڻ لڳو آهي ۽ جلد ئي عالمگير مها وبا جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي.[10][11] ان روڳ (مرض، بيماري) جا عام اُهڃاڻ يا علامتن ۾ بخار، کنگهه ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏُکيائي يا ساهه کڻڻ ۾ ٻُوسٽ ٿيڻ شامل آهن. چيلهه (پٺن) جو درد، ٿُڪ اچڻ ۽ ڳچيءَ جو سُڄي وڃڻ نراليون نشانيون آهن.[6][12] اڪثر ڪيسن ۾ ٿورڙيون نشانيون ڏٺيون ويون،[13] ڪُجھ صورتن ۾ مريض نمونيا ۽ مختلف عضون جي ناڪارگي جو شڪار پڻ ٿي ويندو آهي.[10][14] سُڃاڻپ ٿيل معاملن ۾ موتَ جو تناسب 1 سيڪڙو ۽ 5 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي پر عمر ۽ صيحت جي ٻين حالتن جي لحاظ کان تبديل پڻ ٿي سگهي ٿو.[15][16] انفيڪشن هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ ۾ ساهه وسيلي پکڙجي ۽ منتقل ٿئي ٿو، جيڪو عام کنگھ ۽ ڇڪون يا نڇون اچڻ شامل آهن.[17][18] عام ٻه ۽ چوڏهن ڏينهن جي وچ ۾ اُهڃاڻ (علامتون) ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، اوسطًا پنج ڏينهن۔[19][20] سُڃاڻپ ڪرڻ جو معياري طريقو نيزوفيرينجيئل سويب (nasopharyngeal swab) سان رِيورس ٽرانسڪرِپشن پولیيمِيريز چين ري ايڪشن (rRT-PCR) جي ذريعي سان ڪرڻ آهي. انفيڪشن جون سموريون گڏيل نشانيون، رِسڪ فيڪٽرز ۽ سيني جي سي ٽي اسڪين جي ذريعي نمونيا جون خصوصتون ظاهر ٿيڻ سان پڻ سُڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي.[21][22]مرض کان بچاءُ جي لاءِ تجويز ڪيل مشورن ۾ هٿ ڌوئڻ، ٻين ماڻهن کان پري مفاصلو برقرار رکڻ ۽ ڪنهن جو مُنهن کي نہ هٿ نه لائڻ شامل آهي.[23] ماسڪ جو استعمال عوام جي لاءِ نہ پر وائرس جي شڪي (مشتبا) ماڻهن ۽ اُنهن جي سارَسنڀال (نگهداشت) ڪندڙن جي لاءِ تجويز ڪيل آهي.[24][25] COVID-19 جي لاءِ ڪوبہ ويڪسين يا مخصوص اينٽي وائرل علاج ناهي. ان مرض سان نبرڻ لاءِ ظاهر ٿيندڙ اُهڃاڻ يا علامتن (نشانين) جو علاج ۽ تجرباتي اندازو شامل آهن.[26]
هي وڪيپيڊيا جو روان سڌارو لاءِ مضمون آهي – ۽ توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگهو ٿا ان کي سنواريو! توهان ان کي ڪيئن بهترڪري سگهو ٿا، ان بابت انهيءَ جي بحث صفحو تي بحث ڪريو ۽ مدد ڊيسڪ يا چانهہ گهر تي سوال پُڇو. |
ڪورونا روڳ 2019 (COVID-19) | |
---|---|
Synonyms | * 2019-nCoV شديد ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي واري بيماري (ايڪيوٽ رسپائريٽري ڊيزيز)
|
خُوردبيني تصوير ۾ SARS-CoV-2 سارس ڪووي 2 ڏسي سگهجي ٿو. وائرس جي ذرڙن جي ٻاهرئين ڪنارن تي چُهنبَ (نوڪ) ڪنهن تاج (crown) سان ملي ٿي، انهيءَ خصوصيت جي سبب کان ئي ان روڳ جو نالو ڪورونا رکيو ويو. | |
اچار | |
مھارت | موتمار ساهه کڻڻ جي (تنفس) انفيڪشن[5] |
آثار | بخار، کنگھ، ساهه ۾ ٻُوسَٽ[6] |
خرابي | وائرل نمونيا، ARDS، گردا فيل |
ڪارڻ | سارس ڪوي SARS-CoV-2 |
تشخيصي طريقو | rRT-PCR ٽيسٽنگ، اميونوسي، سي ٽي اسڪين |
پرھيز | هٿ ڌوئڻ، کنگه جا ڳُڻ، بيمارن کان پري رهڻ |
علاج | علامتي ۽ علاج |
موت | 13,407[7] (3-4% تصديق ٿيل ڪيس)[8] |
ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) 2019–2020 جي ڪورونا پکيڙجڻ کي عالمگير وبا[11] ۽ بين الاقوامي نوعيت جي عوامي صحت جي ايمرجنسي (PHEIC) قرار ڏنو آهي.[27][28] روڳ (مرض) جي مقامي منتقلي جو ثبوت عالمي ادارو صحت (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن) جي تمام 6 علائقن جي ملڪن ۾ مليو آهي.[29]