ڦوڪڻو
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڦوڪڻو ھڪ نرم ٿيلھي جو نالو آهي جنھن کي. گيس جھڙوڪ : ھيلئيم، ھائڊروجن، نائٽرو آڪسائيڊ، آڪسيجن، عام ھوا يا پاڻي وجھي ڦوڪبو آھي. موجوده دؤر وارا ڦوڪڻا رٻڙ، ٻوٽن جي کير (انگريزي: Latex), مصنوعي رٻڙ يا نيئپرين(انگريزي: neoprene) يا پولي ڪلوروپرين، نائلون فيبرڪ مان ٺاھيا ويندا آهن. اھي رنگ برنگي ھوندا آھن. پراڻي دؤر ۾ جانورن جي مثاني کي سڪائي ڦوڪڻي طور استعمال ڪيو ويندو هو جنھن ۾ سوئر جو مثانو گھڻو استعمال ٿيندو ھو. ڦوڪڻن جو عام استعمال سينگارڻ لاء يا تفريح طور ٿيندو آهي پر ڪجهه اھڙا ڦوڪڻا ھوندا آھن جن جو استعمال ٻين مقصدن لاءِ ٿيندو آهي جھڙوڪ موسمي ڦوڪڻو موسم لاء، اينجيو پلاسٽي جو ڦوڪڻو دل جي نس يا شريان جي رڪاوٽ کولڻ لاء، بيراژ ڦوڪڻو(انگريزي: Barrage Balloon) حفاظتي فوجي مقصدن لاء، ھوابازي وارو ڦوڪڻو آمدورفت لاء استعمال ٿيندو آهي.