موهن جو دڙو
پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ قديم دور جو ماڳ / From Wikipedia, the free encyclopedia
مهين جو دڙو، موهن جو دڙو يا موئن جو دڙو سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ واقع قديم آثارن واري جاء جو نالو آهي جيڪا يونيسڪو طرفان ھڪ عالمي ورثو قرار ڏنل آهي.[حوالو گهربل] موهن جو دڙو انساني تاريخ جي 5 هزار سال پراڻي ثفافتي تهذيب آهي، ڏکڻ ايشيائي ملڪن پاڪستان ۽ هندوستان جي سنڌو ماٿريءَ جي هن تهذيب کي شهري رٿا بندي وارو شهر پڻ ڪوٺيو ويندو آهي، جنهن ۾ آب ۽ نيڪاسي جو جديد نظام رائج هو. مهين جو دڙو جي تهذيب مصر ۽ ميسوپوٽيما جي تهذيبن جي هم عصر تهذيب هئڻ جو اعزاز رکي ٿي،[حوالو گهربل] جڏهن ته مهين جي دڙي تي گهٽ تحقيق ٿيڻ ڪري کيس مصر جي تهذيب بعد ٻئي نمبر تي وڏي تهذيب ڪوٺيو ويندو آهي. مهين جي دڙي جي آثارن کي يونيسڪو پاران ورلڊ هيريٽيج سائيٽ جو درجو ڏنو ويو آهي.
هن مضمون ۾ وڪيپيڊيا جي معيار جي مطابق صفائي جي ضرورت آهي، |
ترت ڄاڻ
بند ڪريو
ترت ڄاڻ موئن جو دڙو جا آثار, عالمي ورثو ٺڪاڻو ...
موئن جو دڙو جا آثار | |
---|---|
عالمي ورثو ٺڪاڻو | |
ملڪ | پاڪستان |
قسم | ثقافتي |
شرط ضابطا | ii, iii |
حوالو | 138 |
علائقو** | ايشيا بحر الکاهل |
مڪانيت | 27°19′45″N 68°08′20″E |
تاريخِ شموليت | |
شموليت | 1980 (4th اجلاس) |
* عالمي ورثو ماڳن جي فهرست ۾ درج نالا ** يونيسڪو جا علائقا |
بند ڪريو