مهاراشٽر
انڊيا جي رياست / From Wikipedia, the free encyclopedia
مھاراشٽر(انگريزي: Maharashtra ) مختصراً (MH)، جنھن جو پراڻو نالو بمبئي پريزيڊنسي ھيو، انڊيا جي اولھ م واقع ھڪ رياست جو نالو آهي جيڪا پکيڙ ۾ ٽيون نمبر ۽ آبادي ۾ ٻيون نمبر وڏي رياست آھي. ان جي پکيڙ 307٬713 km2 (118٬809 sq mi) آھي. ان جون حدون اولھ ۾ عربي سمنڊ سان، ڏکڻ ۾ ڪرناٽڪا ۽ گوا سان، اوڀر ۾ تلنگانا ۽ ڇتيس ڳڙھ، اتر ۾ گجرات ۽ مڌيا پرديش ۽ اتر اولھ ۾ انڊين يونين ٽيريٽري ڊاڊرا ۽ نگر حويلي سان ملن ٿيون.[4] مھاراشٽر رياست بمبئي جي رياست جي اولھندي ۽ ڏکڻ اولھ واري حصي، بيرار ۽ ودارڀا ۽ حيدرآباد رياست جي اتر۽ اولھ واري حصن، سوراشٽر کي ورھائي ان جو ھڪ حصو ملائي ٺاھي وئي. سوراشٽر جو ٻيو حصو موجوده گجرات جي رياست آھي. مھاراشٽر جو سڀ کان وڏو شھر ممبئي آھي جنھن جي آبادي پوڻا ٻہ ڪروڙ آهي ۽ ھي شھر آبادي م انڊيا جو بہ سڀ کان وڏو شھر آھي. سياري ۾ ھن شھر جو گاديءَ جو هنڌ ناگپور ھوندو آھي ۽ اسيمبلي جي اجلاس بہ سياري م ناگپور ۾ ٿيندا آهن .[5]ھن رياست جو شھر پوني کي اوڀر جو آڪسفورڊ چوندا آهن جتي ڪيترائي تعليمي ادارا آھن. [6][7] ناشڪ انڊيا جو شراب وارو شھر سڏبو آهي جتي تمام گھڻو شراب کپي ٿو. ھن رياست جون ٻہ وڏيون نديون گوداواري ندي ۽ ڪرشنا ندي آھن.[8][9] انڊياجي آزادي کان اڳ مھاراشٽر واري ھاڻوڪي علائقي تي ستاواھانا گھراڻي، راشٽراڪوٽا گھراڻي، ويسٽرن چالوڪاس ايمپائر، دکن سلطنتن، مغلن، مراٺين (مرھٽن) ۽ پوء انگريزن حڪومت ڪئي. رياست جي ھر پاسي انھن جا ڇڏيل کنڊر، يادگار، مقبرا، قلعا، عبادتگاھون موجود آهن جن ۾ اجنتا جو غارون، ايلورا جون غارون عالمي ورثو قرار ڏنل آھن. ڪيترائي قلعا شيواجي سان منصوب آھن. مھاراشٽر انڊيا جي سڀ کان وڏو صنعتي رياست آھي.[10][11]
مھاراشٽر | ||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
رياست | ||||||||||
مٿان کان، کاٻي کان ساڄي طرف : ويسٽرن گھاٽ جي ڀرسان واقع مھابليشور جي لڳ پرتاب ڳڙھ قلعو، ڇترپتي شيواجي مھاراج ترمينس ريلوي اسٽيشن ، اجنتا جي غار ۾ پدماپاني جي پينٽنگ، ايلورا جي غار ۾ ڪيلاس مندر، انڊيا جو گيٽ وي، ايليفنٽا غار ۾ تريمورتي مجسمو، شنيوار واڊا قلعو ۽ حضور صاحب ننديد | ||||||||||
| ||||||||||
مھاراشٽر جو انڊيا ۾ مقام | ||||||||||
جاگرافي بيهڪ (ممبئي): 18.97°N 72.820°E / 18.97; 72.820 | ||||||||||
ملڪ | انڊيا | |||||||||
قيام | 1 مئي 1960^ (مھاراشٽر جو ڏينهن ) | |||||||||
گاديءَ جا هنڌ | ممبئي ناگپور (سياري ۾)[1] | |||||||||
مھاراشٽر جا ٽوٽل ضلعا | 36 | |||||||||
حڪومت | ||||||||||
• مجلس | مھاراشٽر جي حڪومت | |||||||||
• گورنر | وديا ساگر رائو | |||||||||
• وزيراعلي | دويندر فدناوس (بي جي پي ) | |||||||||
• ليجسليٽو اسيمبلي | ٻہ ايواني ليجسليٽو ڪائونسل ۾ 78 ميمبر ليجسليٽو اسيمبلي ۾ 288 ميمبر | |||||||||
پکيڙ | ||||||||||
• ڪل | 307,713 ڪ.م2 (118,809 ميل2) | |||||||||
پکيڙ ۾ درجو | انڊيا جي پکيڙ ۾ ٽين وڏي رياست | |||||||||
آبادي (2011)[2] | ||||||||||
• ڪل | 112,372,972 | |||||||||
†The بمبئي ري آرگنائيزيشن ايڪٽ
1960 تحت بمبئي رياست کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ھڪ کي مھاراشٽر ۽ ٻئي کي گجرات جو نالو ڏنو ويو.[3] †† Common high court |