اموي جرنيل / From Wikipedia, the free encyclopedia
محمد بن قاسم (, انگريزي ٻولي: Muhammad Bin Qasim , عربي ٻولي: محمد بن القاسم الثقفي) جو پورو نالو عماد الدين محمد بن قاسم هو جيڪو بنو اميه جي هڪ مشهور سپه سالار حجاج بن يوسف جو ڀائٽيو هيو .
15 سالن جي عمر ۾ 708ع ايران ۾ ڪُردن سان بغاوت جي خاتمي لاءِ سپه سالاري جا فرض سونپيا ويا. تنهن وقت بنو اميه جي حڪمران وليد بن عبدالملڪ جو دور هو ۽ حجاج بن يوسف عراق جو گورنر هو، اِن مهم ۾ محمد بن قاسم ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ هڪ معمولي ڇاوڻي شيراز کي هڪ خاص شهر ڪري ڇڏيائين. تنهن دوران محمد بن قاسم رحمت الله عليه کي فارس (ايران) جي گاديءَ جي هنڌ شيراز جو گورنر مقرر ڪيو ويو، ان وقت سندس عمر 17 سال هُئي.[1] پنهنجي صلاحيتن سان حڪومت ڪندي هُن پنهنجي قابليت ۽ ذهانت جو ڌاڪو ڄمايو ۽ 17 سالن جي عمر ۾ ئي سنڌ جي مُهم تي سالار بڻائي موڪليو ويو. محمد بن قاسم رحمت الله عليه جي فتحن جو سلسلو 711ع کان شروع ٿيو ۽ 713ع تائين جاري رهيو.[2] هُن سنڌ جا اهم علائقا فتح ڪيا ۽ ملتان کي فتح ڪري سنڌ جي فتح مڪمل ڪئي پر اُتر هندوستان طرف وڌڻ جي خواهش حالتن پوري ٿيڻ نه ڏنس.