عشتار
From Wikipedia, the free encyclopedia
عشتار يا اشتار(انگريزي: Ishtar ) انانہ يا عنانہ(انگريزي: Inanna) ) بابل ۽ اشوريا جي زرخيزي، جنگ، محبت ۽ جنسي ديوي ھئي.[3] اھا قديم ميسوپوٽاميا (موجوده عراق) جي پيار، سونھن، جنسي تعلق، خواھش، زرخيزي، جنگ، انصاف ۽ سياسي اقتدار جي ديوي ھئي. شروعات ۾ ان جي سمير انانہ يا عنانہ جي نالي سان پوڄا ٿيندي هئي پر بعد ۾ بابل جي اڪاديائي ايمپائر ۾ ان کي عشتار نالو ڏئي سندس پوڄا شروع ٿي. کيس آسمان جي راڻي طور سڃاتو ويندو هو ۽ سن 4000 ق.م. ۾ اروڪ شھر جي مندر م ان جي پوڄا ھڪ سرپرست ديوي طور ٿيندي ھئي . ان وقت اروڪ(Uruk) شھر ھن ديوي جي ڀڳتن جو مرڪز ھيو. ھن ديوي کي وينس سياري سان منصوب ڪيو ويو. شيھن ۽ اٺ ڪنڊو تارو ھن جا اھم نشان ھيا.
ترت ڄاڻ عشتار (عنانہ), ٺِڪاڻو ...
عشتار (عنانہ) | |
---|---|
| |
عشتار ديوي جي مورت اڪاديائي ايمپائر جي مھر تي اڪريل (2350-2150 ق. م.) تصوير ۾ ھٿيار سان مسلح ديوي جي پٺيان ھٿيار، سڱن وارو ھيلميٽ ۽ شينھن کي پيرن ۾ لتاڙي ڏيکاريل ڏيکاريل | |
ٺِڪاڻو | آسمان |
سَيَارو | وينس |
نشاني | تيلن جي ڪنڍي نموني ڳنڍ، اٺ ڪنڊو ستارو، شينھن، گلاب نما نمونو، فاختو |
ساٿي | ڊمزڊ ريڍار ۽ کوڙ ٻيا بي نائن |
ماءُپيءُ | |
ڀاء ڀيڻ |
|
ٻچو | عام طور تي ڪو به نه پر ڪڏھن ڪڏھن لولال ۽ شارا سندس اولاد ليکيا ويا |
يوناني هم معنيٰ لفظ | ايفراڊائٽ |
بند ڪريو