شاڪي خان جو محل
آذبائيجان ۾ شاهي محلات / From Wikipedia, the free encyclopedia
شاڪي خان جو محل (آذربائيجاني: Şəki xanlarının sarayı ) (انگريزي ٻولي: Palace of Shaki Khans) شيڪي ۾ موجود شاهي محل آذربائيجان ۾ شڪي شاهي خاندان جو اونهارو (گرميءَ جي مُند) جي رهائش گاهہ هئي. اهو 1797 ۾ محمد حسن خان پاران ٺهرايو ويو هيو.
شيڪي خان جو محل | |
---|---|
آذربائيجاني: Şəki xanlarının sarayı | |
محل جو ٻاهريون ڏيک (نظارو) | |
عام معلومات | |
قسم | شاهي محل |
مڪانيت | شاڪي, آذربائيجان |
اڏاوت شروع ٿيڻ جي تاريخ | 1789/1790[1] |
مڪمل ٿيل | 1797 |
ٻيھر اڏاوت | 1848-51, 1955-65, 2002-2004 |
ڊزائن ۽ تعمير | |
آرڪيٽيڪٽ | عباسگلو (مڃڻ لائق)[2] |
سرڪاري نالو | خان جي محل سان گڏ شيڪي جو تاريخي مرڪز |
معيار | ثقافتي: (ii), (v) |
عهدو | 2019 (43هون سيشن) |
حوالا نمبر. | 1549 |
اسٽيٽ پارٽي | آذربائيجان |
ريجن | الهندي ايشيا |
شيڪي خان جي محلات کي يونسڪو عالمي ورثو ماڳ جي فهرست لاءِ ICOMOS-انٽرنيشنل ڪائونسل آن مانيومينٽس ائنڊ سائٽش جي آذربائيجان نيشنل ڪميٽي صدر گلنارا مهمندارواروفا پاران 1998 ۾ نامزد ڪيو ويو[3]. هي آذربائيجان ۾ شڪي شهر جي ڀرسان آهي. محلات 18 صدي عيسوي جو آهي.[4] 7 جولاءِ 2019 تي باڪو ڪنونشن سنٽر ۾ منعقد ٿيل عالمي ورثو ڪاميٽي جي 43 هين گڏجاڻي (سيشن) ۾ شاڪي جو شاهي محل ۽ شاڪي تاريخي مرڪز کي يونيسڪو عالمي ورثو فهرست ۾ شامل ڪيو ويو.[5]
شيڪي خان محل هڪ آڱڻ آهي جيڪو شيڪي خان جي دؤر ۾ شهر ٺاهيو ويو هيو. اڄ، هي ثقافتي ڪامپليڪس هڪ ميوزيم جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو آهي. شاڪي خان محلات 8 هين صدي عيسوي ۾ قلعي جي ڀتين اندر تعمير ڪئي وئي. فن تعمير ۽ فن تعمير جو سڀ کان اهم يادگار هي محلات ٻئي سال ۾ محمد حسن خان ٺهرايو. شاڪي خان محل ايڪوومس آذربائيجان نيشنل ڪميٽي جي چيئرمين گلنيار مهمندارووا پاران تجويز ڪئي هئي، ته هن محل کي يونيسڪو جي عالمي ورثي جي فهرست ۾ شامل ڪيو وڃي. شاڪي خان محل 7 جولاءِ 2011 تي يونيسڪو عالمي ورثو طور رجسٽرڊ ڪئي وئي.