سنگھارا
From Wikipedia, the free encyclopedia
سِنگهارا (Water Chestnut) :هن کي هندستانيءَ ۾ پاني ڦل به چوندا آهن. هي پٻڻ وانگي هڪڙو پاڻيءَ جو اوڀڙ آهي ۽ پاڪستان کانسواءِ هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ ٿيندو آهي. هي لوڙهه جيڏو گول ڦر جهليندو آهي، مگر گول ۽ لسو نه ٿيندو آهي. ڏاند جي مٿي جهڙو ٿيندو آهي ۽ سڱن وانگي ٻه نوڪون به نڪتل اٿس. ڪڏهن ڪڏهن رنگ جو بلڪل ڪارو ٿيندو آهي. کل لاهي تري يا اٻاري کائيندا اٿس.سندس ول شڪل ۾ سهڻي ٿيندي اٿس، گهڻو ڪري مينهن جي مند ۾، جڏهن سانجهي مهل سندس صاف ۽ اڇا گل کلندا آهن. تلائن ۾ پوکڻ ڪري سڄا تلاءَ وڪوڙي ويندو آهي. ڪي چون ٿا ته تلائن ۾ ٿيڻ ڪري پاڻي صاف ٿئي ٿو. هن ميوي کي انگريزيءَ ۾ واٽر چيسٽ نٽ چون ٿا.[2]
ترت ڄاڻ Chinese water chestnut, سائنسي درجا بندي ...
Chinese water chestnut | |
---|---|
illustration circa 1880[1] | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | Eleocharis |
جنس: | Template:Taxonomy/Eleocharis{. dulcis |
حياتياتي نالو | |
Eleocharis dulcis (Burm.f.) Trin. ex Hensch. | |
بند ڪريو