سنڪيانگ
From Wikipedia, the free encyclopedia
سنڪيانگ يا شنجيانگ (انگريزي: Xinjiang ) عوامي جمهوريه چين جي ھڪ خودمختيار علائقو جو نالو آهي جيڪا چين جي اتر اولھ ۾ واقع آهي۔ ان کي شنجيانگ ايغور آٽونامس ريجن (انگريزي: Xinjiang Uyghur Autonomous Region ) پڻ سڏين ٿا۔ [5]۔ ان جي گادي جو هنڌ ارومچي آھي۔ اھو پکيڙ ۾ چين جي سڀ کان وڏي انتظامي ورهاست آھي جنھن جي پکيڙ 1.6 ملين ڪلوميٽرزچورس (620٬000 sq mi) آھي ۽ آبادي 2020ع ۾ اڍائي ڪروڙ ھئس[1][6]۔ ھن خطي جي تاريخ اڍائي ھزار سالن جي آھي۔ ارڙهين صديءَ ۾ سنڪيانگ چنگ گھراڻي جي چيني ايمپائر جو حصو بڻيو ۽ ھن وقت اھو عوامي جمهوريه چين جو حصو آهي۔ 1955ع ۾ ان جي صوبائي حيثيت ختم ڪري ان کي چيني خودمختيار ريجن جو درجو ڏنو ويو۔ سنڪيانگ جو حدون 8 ملڪن سان ملن ٿيون جن ۾ روس، منگوليا، قزاخستان، ڪرغزستان، تاجڪستان، افغانستان، پاڪستان ۽ ڀارت شامل آهن۔ سنڪيانگ جي سرحدي پاسن ۾ ۽ ان جي اولھندي ۽ ڏاکڻي حصن ۾ پڻ تيان (Tian جبلن جون قطارون واقع آهن۔ ھن ريجن جو علائقو اقصائي چن چين جي اختيار ۾ آھي پر ان جو ڀارت دعويدار آھي۔ سنڪيانگ جون حدون تبت جي خودمختيار ريجن، گينسو ۽ چنگھاء سان پڻ ملن ٿيون۔ مشھور شاھراھ ريشم جو دڳ پڻ ھن ريجن مان ان جي اوڀر واري سرحد کان اتر اولھ واري سرحد طرف گذري ٿو۔ ھن خودمختيار ريجن ۾ رھندڙ نسلي گروهن ۾ [[ترڪ
ماڻھو|ترڪ]]، ايغور، قراخ، ڪرغز، تبتي، ھئي، تاجڪ، منگول، روسي ۽ سيب شامل آهن۔ [7]. ھن ريجن کي چيني ترڪستان[8][9] ۽ اوڀر ترڪستان[10] [11] پڻ سڏيو ويندو هو۔
سنڪيانگ شنجيانگ خودمختيار ريجن Xinjiang Autonomous Region | ||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
چيني خودمختيار ريجن | ||||||||
شنجيانگ ايغور آٽونامس ريجن | ||||||||
| ||||||||
نقشي ۾ سنڪيانگ خودمختيار ريجن نمايان ڏيکاريل | ||||||||
جاگرافي بيهڪ: 41°N 85°E | ||||||||
ملڪ | عوامي جمهوريه چين | |||||||
نالو پيو | ||||||||
گادي جو هنڌ (۽ سڀ کان وڏو شھر) |
اُرومچي | |||||||
انتظامي ورهاست | List
| |||||||
حڪومت | ||||||||
• قسم | چين جي خودمختيار ريجن | |||||||
• مجلس | پيپلز ڪانگريس | |||||||
• ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري | چين چئانگئو | |||||||
• ريجنل پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين | شوڪت امين | |||||||
• چيئرمين گورنمينٽ | شھرت ذاڪر | |||||||
• پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين | نورلن ابيلمانجين | |||||||
پکيڙ[1] | ||||||||
• ڪل | 1,664,897 ڪ.م2 (642,820 ميل2) | |||||||
پکيڙ ۾ درجو | سڀ کان وڏو صوبو | |||||||
بلند ترین پیمائش (ڪي ٽو جبل) | 8,611 ميل (28,251 ft) | |||||||
گھٽ ترین پیمائش (Lake Ayding[2]) | −154 ميل (−505 ft) | |||||||
آبادي (2010 Census)[3] | ||||||||
• ڪل | 21,815,815 | |||||||
• ڪاٿو
2019 [4] |
25,230,000 |
سنڪيانگ جي ريجن ٻن طاسن ۾ ورھايل آهي جن مان ھڪڙو اتر ۾ جونگاريه طاس ۽ ٻيو ڏکڻ ۾ جبلن جي قطار سان لڳ تاريم طاس آهي۔ سنڪيانگ جي زمين مان رڳو 9.7 سيڪڙو زمين انساني رھائش لاء سازگار آھي۔[12] چين ۾ سڀ کان گھڻي قدرتي گيس جي پيداوار ھن ريجن ۾ ٿئي ٿي۔ ان کان سواءِ ھتي وڏي تعداد ۾ تيل جا ۽ ٻيا معدنياتي ذخيرا پڻ آھن۔ 1990 واري ڏھاڪي کان ھتي اوڀر ترڪستان جي آزادي جي تحريڪ جي شروعات ٿي ۽ اسلامي شدت پسندي ۾ پڻ اضافو آيو۔ [13][14] ھن ريجن جا مشهور شهر ارومچي، تورپان، ڪاشغر، ڪارامي، ڪورلا، اڪسو ۽ ھوتان آهن۔ سنڪيانگ ريجن جي 2020 ۾ جي ڊي پي 1380 ارب يوئان آھي۔