دم (ساھ جي بيماري)
From Wikipedia, the free encyclopedia
دم يا اڀساھي يا سھڪو (انگريزي ۾ ايسٿما (asthma) پر لکبو آهي، ھڪ ڊگھي مدت واري ڦڦڙن جي بيماري آهي جيڪا ڦڦڙن ۾ ساھ جي لنگھن ۾ سوزش پيدا ڪندي آهي ۽ انھن کي سوڙھو ڪري ڇڏيندي آهي. ان سان بار بار ساھ ۾ سيٽي وڄندي آهي، ڇاتيءَ ۾ تنگي، ساھ ۾ سھڪو ۽ کنگھ ٿيندي آهي. کنگھ اڪثر رات جو يا صبح جو سوير ٿيندي آهي. دم جي بيماري ھر عمر ۾ ٿي سگھي ٿي پر اڪثر اھا ننڍپڻ ۾ شروع ٿيندي آھي.آمريڪا ۾ اڍائي ڪروڙ ماڻهو دم ۾ مبتلا آھن جن ۾ اسي لک ٻار به شامل آهن.[10] دم جي بيماري علاج سان ختم نہ ٿي سگھندي آهي پر علاج سان ان جا ظاھر ٿيندڙ آثار sumptoms ختم ڪري سگھجن ٿا جن ۾ کنگھ، ساھ جي تنگي ، سيني ۾ سور٬ ساھ ٻاھر ڪڍڻ وقت سيٽي جو وڄڻ وغيره شامل آهن.ائيزما جي ٿيڻ جا مختلف سبب ھوندا آھن ھڪ سبب سرد ۽ خشڪ موسم ۾ ڪثرت يا ورزش ھوندو آھي.ٻيو ڪنھن خاص پيشي جي ڪري جنھن ۾ دم پيدا ڪندڙ ڪيميائي مادا، گئس، دونھون يا مٽي لڳڻ ڪري ماڻھو متاثر ٿيندو آهي. ٽيون سبب الرجي ھوندو آھي.[11]
ايزما_Asthma | |
---|---|
Peak flow meters are used to measure the peak expiratory flow rate, important in both monitoring and diagnosing asthma.[1] | |
مھارت | Pulmonology |
آثار | بار بار ساھ ۾ سيٽي جو وڄڻ، کنگھ ، ڇاتيءَ جي مونجھ ۽ سھڪو ٿيڻ[2] |
مدو | Long term[3] |
ڪارڻ | جينياتي ۽ ماحولياتي[4] |
خطري جي گنجائش | Air pollution, allergens[3] |
تشخيصي طريقو | Based on symptoms, response to therapy, spirometry[5] |
علاج | Avoiding triggers, inhaled corticosteroids, salbutamol[6][7] |
ورجاء | 358 million (2015)[8] |
موت | 397,100 (2015)[9] |