دائل ائيرن
From Wikipedia, the free encyclopedia
دائل ايئرن(انگريزي: Dáil Éireann) مختصرن دائل(انگريزي: Dáil ) (i/dɔɪl ˈɛərən/ DOYL-_-AIR-ən,[1] آئرلينڊ جي اسيمبلي آئرلينڊ جي اريڪتاس جي نالي سان پارليامينٽ جي ھيٺين ۽ مکيه ايوان جو نالو آهي. ھي ايوان آئرلينڊ جي آئين 1937ع تحت ڪم ڪندو آهي. ائيرن ايوان اريڪتاس جو ھيٺيون ايوان آھي جيڪو يونيورسل ووٽ واري بنياد تي عوام طرفان سڌي چونڊ ذريعي جڙندو آهي. ان ايوان جي رڪنن کي چونڊيندڙ ووٽر گھٽ ۾ گھٽ 18 سالن جي عمر جا ھوندا آھن. ان ايوان جي چونڊ ھر پنجن سالن بعد ٿيندي آهي. ھن ايوان جي تحليل ڪھڙي بہ وقت تيشخ جي. درخواست تي ٿي سگھي ٿي. ھن ايوان جي چونڊ ۾ متناسب نمائندگي لاء سنگل ٽرانسفرئبل ووٽ وارو طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي ھن ايوان جا 160 رڪن آھن جن کي آئرش ٻولي ۾ چيختا دائلا (Teachta Dála) سڏيندا آهن جنھن جي معنيَ آهي دائل جو رڪن آهي. ھن ايوان جي اسپيڪر کي ڪن ڪوئلا چوندا آهن ڊپٽي اسپيڪر کي لئيس ڪن ڪوئلا سڏيندا آهن.
دائل ايئرن Dáil Éireann آئرلينڊ جي اسيمبلي | |
---|---|
قسم | |
قسم | جيڪو ھيٺيون ايوان جو حصو آهي |
اڳواڻي | |
ڪن ڪوئلا (Ceann Comhairle) |
شان او فيورٽ ڪن ڪوئلا جي چونڊ، 2016 کان |
لئيس ڪن ڪوئلا |
ڪيٿرئن ڪونولي، آزاد اميدوار |
ميخال مارٽن، (فيئانا فئل) | |
مخالفت ڌر جو اڳواڻ |
ميري ميڪڊونلڊ، (شن فئين) |
تيشخ جي معاملن جو وزير مملڪت |
جيڪ چيمبرس، (فيئانا فئل) |
چيف وھپ |
پاٽرڪ ميڪ لَاسوَن، (شن فئين) |
ڍانچو | |
سيٽون | 160 |
چونڊون | |
چونڊ جو نظام |
سنگل ٽرانسفرئبل ووٽ |
پويون چونڊون |
آئرش چونڊون 2020 |
ايندڙ چونڊون |
20فيبروري 2025 جي لڳ ڀڳ |
گڏجاڻيءَ جو ھنڌ | |
دائل چيمبر لينسٽر ھائوس، ڊبلن | |
ويب سائيٽ | |
oireachtas |