جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن
From Wikipedia, the free encyclopedia
جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن:(انگريزي: Jamshed Quarters Sub Division ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جي ضلعي ڪراچي اوڀر جو هڪ تعلقو آهي جيڪو 2001 جي ناظمن واري نظام قائم ٿيڻ کان اڳ ڪراچي سائوٿ جو حصو ھيو. ان جو نالو ڪراچي جي برٽش انڊيا دؤر واري پارسي سماج سڌارڪ ۽ ميئر جمشيد نسروانجي مھتا جي نالي تي رکيل آهي. 2001 ۾ ڪراچي م ضلعن جي خاتمي ۽ شھري حڪومت جي قيام سان ڪراچي شھر کي 18 ٽائونن م تقسيم ڪيو ويو اھڙي طرح ھن سب ڊويزن کي جمشيد ٽائون ۾ تبديل ڪيو ويو [2]. 2013 ۾ شھري حڪومت ۽ ٽائونن واري نظام جي خاتمي سان پراڻا ضلعا بحال ٿيا تہ ڪراچي ايسٽ ضلعي کي ٽوڙي ڪورنگي ضلعي جي قيام سان ڪراچي سائوٿ جي ھن تعلقي کي ڪراچي ايسٽ ۾ شامل ڪيو ويو[3]. ھن تعلقي جي اتر ۾ لياري ايڪسپريس وي ۽ ڪراچي سينٽرل ضلعو، اوڀر ۾ ڪراچي سائوٿ ، ڏکڻ ۾ ڪراچي سائوٿ ۽ اولھ ۾ فيروز آباد سب ڊويزن واقع آھن.
جمشيد ڪواٽرز | |
---|---|
سنڌ جو تعلقو | |
جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن[1] | |
جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن ۾ واقع مزار قائد | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°52′N 67°02′E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڪراچي اوڀر ضلعو |