جارج گسنگ
انگريز ناولسٽ / From Wikipedia, the free encyclopedia
ناول نگار گسنگ (Gissing) آخرڪار گمنامي جو موت مري ويو. ان جي زندگي هميشه ٻين کي سمجهائڻ ۽ سڌارڻ ۾ گذري, پر ڪنهن ان جو قدر نه ڪيو. هن ڪيتريون ئي لازوال آکاڻيون لکيون جن مان هڪ ناول حوا جو ڀُنگ (Eve's ransom) آهي. اها آکاڻي هن نموني آهي ته هڪ نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪري يعني هيروئن (اداڪارا) جيڪا هڪ غريب شخص کي اشارن ۽ نخرن سان پاڻ ڏانهن مائل ڪندي آهي ۽ ڪجهه وقت تائين ان سان ڏاڍي محبت ڪندي آهي. ايستائين جو هڪ ڏاڍو دولتمند شخص ان جي زندگي ۾ داخل ٿيندو آهي. ٻئي هڪٻئي جي محبت ۾ گرفتا ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ شادي ڪري وٺندا آهن. غريب ماڻهو جي دل ٽٽي پوندي آهي، ان کي هن حقيقت جو ادراڪ ٿي ويندو آهي ته دنيا ۾ دولت ئي سڀ ڪجهه آهي ۽ دنيا ۾ قدر ۽ قيمت انهيءَ جو آهي جنهن وٽ دولت آهي. غريب ماڻهو ڏکارو ٿي دنيا کان پاسيرو ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجي بدنصيبيءَ جي سزا پاڻ کي ائين چئي ٿو ڏئي ته هي پاڻ ان جي حقدار هيو. [13][14]
جارج گسنگ | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم جو نالو | (انگريزي ۾: George Robert Gissing) |
ڄم | 22 نومبر 1857 [1][2][3][4][5][6][7] |
موت | 28 ڊسمبر 1903 (46 سال)[1][2][3][4][5][6][8][7] |
شھريت | عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت |
عملي زندگي | |
پيشو | ليکڪ [7][9] |
ڪم جي ٻولي | انگريزي ٻولي [10][11] |
دلچسپي | نثر [12] |
دستخط | |
ترميم |