تتر (پکي)
ھڪ قسم جي پکيءَ جو عام نالو / From Wikipedia, the free encyclopedia
تتر سان ڀل نہ کائو.
تتر (انگريزي ٻولي: Partridge) جهنگ جو پکي آهي. هي پنهنجو آکيرو جھنگ ۾ ڪنهن ٻُٿ ۾ پٽ تي واريءَ ۾ ٿورا ڪک رکي ٺاهي آنا لاهي ٿو. آنا ڦوڙڻ سان ٻچا نڪرن ٿا. تترن جا شڪاري تترن جا ننڍا ٻچا هٿ ڪري پاليندا آهن, پالڻ دوران کين سيڪر (سينڍ) تي ٻولڻ سيکاريندا آهن. ٻولي سکڻ کانپوءِ انهن کي جھنگ ۾ وٺي وڃي دام سان ٻين تترن جو شڪار ڪندا آهن.