تانسو چلر
From Wikipedia, the free encyclopedia
تانسو چلر 24مئي 1946ع تي استنبول ۾ جنم ورتو ۽ 1993ع کان 1995ع تائين ترڪي جي پهرين عورت وزيراعظم رهي. هوءَ محترمه شهيد بينظير ڀٽو ۽ بنگلاديش جي خالده ضياءَ کان پوءِ ڪنهن مسلم ملڪ جي ٽين عورت وزيراعظم هئي. 20 هين صدي ءَ ۾ جيڪي عورتون مختلف ملڪن جو سربراهه رهيون، تن مان هوءَ ايڪٽيهين عورت سربراهه هئي. شهيد بينظير صاحبه جڏهن ٻئي دؤر ۾ پاڪستان جي وزيراعظم هئي، ان وقت ترڪي ۾ تانسو چِلر ساڳئي عهدي تي ڪم ڪري رهي هئي. تانسو چِلر سياستدان هئڻ سان گڏ اقتصادي ماهر پڻ رهي آهي، جڏهن ته سياست ۾ حصي وٺڻ کان اڳ ۾ هوءَ پنهنجي مڙس عذير سان (جنهن سان هن جي 1963ع ۾ شادي ٿي هئي) گڏجي آمريڪا ۽ ترڪيءَ ۾ پراپرٽيءَ جو ڪاروبار ڪندي هئي. سندس والد 1950ع ۾ ترڪيءَ جي صوبي بالسيڪ جو گورنر رهيو هو.