بنگال
اوڀرندي هندستاني برصغير ۾ ھڪ علائقو / From Wikipedia, the free encyclopedia
بنگال يا بنگالو جو اصل نالو ’بنگه’ يا ’ونگا‘ مان نڪتو آهي. هن علائقي ۾ رهندڙ قوم غيرآريائي هئي، جنهن جو ذڪر ”ٻوڌي ادب“ ۾ ملي ٿو. اڳتي هلي اهو نالو بنگال جي ان علائقي لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو، جتي اها قوم آباد هئي. ’پال‘ ۽ ’سين‘ راجائن جي دور جو بنگال، گنگا نديءَ جي ڪيٽيءَ وارو علائقو آهي. اهڙيءَ طرح الهندي بنگال کي ”گوراڌا“ ۽ اترئين بنگال کي ”پوندرا ورڌن“ چوندا هئا، ليڪن اهو نالو ڪڏهن ڪڏهن سڄي بنگال لاءِ شمار ٿيندو هو. لفظ بنگال پهريون ڀيرو ’بلبن‘ جي زماني ۾ استعمال ٿيو هو.[1]