برفاني دور
زمين جي ھوا ۽ مٿاڇري جو وڏي عرصي کان ٽيمپريچر جو گھٽجڻ / From Wikipedia, the free encyclopedia
برفاني دؤر (انگريزي ٻولي: ice age)، موجوده وقت جي سائنسدانن ۽ ارضيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار برفاني دؤر اچي چڪا آهن. هر دؤر سراسري طور اڍائي لک سال هليو، جنهن ۾ هڪ لک سال تمام ٿڌي ۽ هڪ لک سال معتدل موسم هوندي هئي. انهن دؤرن ۾ ڌرتيءَ تي ڪئين ميل ٿلها برف جا تهه چڙهي ويندا هئا. سائنسدان پهرين برفاني دؤر واري زماني کي 10 لک سال اڳ ڪري ٿا ڄاڻائين. برفاني دؤر جو آخري واقعو اڄ کان 11 هزار سال اڳ ٿي گذريل ٻڌايو وڃي ٿو.ان کان پوءِ گرم وقفي وارو دؤر هلي رهيو آهي، پر ماهرن جو خيال آهي ته هڪ وڌيڪ برفاني دؤر اچڻو آهي.[1]