ايڊنبرا
برطانيا، اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو شهر / From Wikipedia, the free encyclopedia
ايڊنبرا (انگريزي: Edinburgh، ( ٻُڌو)) اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو ھنڌ آھي ۽ ھيءُ اسڪاٽلينڊ جي 32 ڪائونسل ايراضين (Council Areas) مان ھڪ آھي. تاريخي طور ھي مڊلوٿيان (Midlothian) ڪائونٽي جو حصو ھو. ھيءُ شھر لوٿيان واري علائقي ۾ فرٿ آف فورٿ (Firth of Forth) جي ڏاکڻين ڪنڌيءَ تي آباد آھي[1]. ھن شھر کي 15ھين صدي عيسويءَ ۾ اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو ويو. اسڪاٽش حڪومت، اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ھن شھر ۾ قائم آھن. ھوليروڊھائوس محل (Holyroodhouse Palace) برطانيا جي راڻيءَ جي سرڪاري رھائشگاھ آھي. ھيءُ شھر تعليم جو وڏو مرڪز رھيو آھي ۽ ھتي ميڊيڪل، سائنس، انجنيئرنگ، قانون ۽ فلاسافيءَ جي تعليم ۽ کوجنا جون سھولتون موجود آھن. ھتي جي شاندار تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي ڏسڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ماڻھو ھي شھر گھمڻ اچن ٿا. 2016ع جي انگن اکرن موجب اٽڪل 1750000 سياح ھر سال ھتي اچن ٿا.
ايڊنبرا (Edinburgh) Dùn Èideann | |||
---|---|---|---|
گاديءَ جو ھنڌ ۽ ڪائونسل ايريا | |||
مٿان، کاٻي کان ساڄيː ايڊنبرا شھر، ايڊنبرا شھر ۽ قلعو، اسڪاٽ يادگار، ڪالٽن جبل، اسڪاٽلينڊ جي قومي گئلري، اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ جي عمارت، اُشر ھال | |||
| |||
نعرو: Nisi Dominus Frustra (Latin) Without the Lord, all is in vain (رب جي بنان، سڀ بيڪار آھي) | |||
اسڪاٽليند ۾ بيھڪ##برطانيہ ۾ بيھڪ##يورپ ۾ بيھڪ | |||
جاگرافي بيهڪ: 55°57′12″N 03°11′21″W | |||
خودمختيار رياست | برطانيہ | ||
ملڪ | Scotland | ||
ڪائونسل ايريا | ايڊنبرا شھر | ||
بنياد پيو | ستين صدي عيسويءَ کان اڳ | ||
برگ چارٽر | 1125ع | ||
شھر جو درجو | 1633ع | ||
حڪومت | |||
• قسم | ميئر ڪائونسل گورنمينٽ | ||
• انتظامي ادارو | ايڊنبرا شھر جي ڪائونسل | ||
• اسڪاٽلينڊ جي پارليامينٽ جا ميمبر | 6
| ||
• برطانوي پارليامينٽ جا ميمبر | 5
| ||
پکيڙ | |||
• گاديءَ جو ھنڌ ۽ ڪائونسل ايريا | 264 ڪ.م2 (102 ميل2) | ||
• شھري | 119 ڪ.م2 (46 ميل2) | ||
بلنديبلندي | 47 ميل (154 ft) | ||
آبادي (2020ع) | |||
• گاديءَ جو ھنڌ ۽ ڪائونسل ايريا | شھرː506,520 ڪائونسل ايرياː518,500 | ||
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو | |||
سرڪاري نالو | ايڊنبرا جا نوان ۽ پراڻا ٽائون | ||
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو | ثقافتي: ii, iv | ||
حوالو | 728 | ||
داخلا | 1995 (19th سيشن) | ||
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو | |||
سرڪاري نالو | فرٿ پل | ||
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو | ثقافتي: i, iv | ||
حوالو | 1485 | ||
داخلا | 2015 (39th سيشن) |
ھيءُ آباديءَ جي لحاظ کان اسڪاٽلينڊ جو ٻيو نمبر وڏو شھر ۽ برطانيا جو ستون نمبر وڏو شھر آھي[2]. جاگرافيائي لحاظ کان ھيءُ اسڪاٽلينڊ جي ڏکڻ اوڀر واري علائقي ۾ آباد آھي. ھتي ڪيترائي قومي ادارا قائم آھن جن ۾ قومي عجائب گھر، قومي لائبرري ۽ قومي گئلري خاص ذڪر جي لائق آھن. ايڊنبرا يونيورسٽي 1582ع ۾ قائم ٿي جيڪا جن وقت دنيا جي 20 سڀ کان ساک وارين يونيورسٽين مان ھڪ آھي[3]. چرچ آف اسڪاٽلينڊ جي جنرل اسيمبليءَ جو ساليانو ميڙ بہ ھن ئي شھر ۾ منعقد ٿئي ٿو. ايڊنبرا ساليانو بين الاقوامي ميلو ھر سال آگسٽ ۾ منعقد ٿئي ٿو جنھن ۾ دنيا جي ساک وارن ادارن پاران موسيقي، راڳ رنگ، ناچ گاني ۽ اھڙين ٻين تقريبن جو اھتمام ڪيو وڃي ٿو. ھتان جي تاريخي جاين ۾ ايڊنبرا جو قلعو، ھوليروڊ ھائوس محل، سينٽ گائيل جا گرجاگھر ۽ ٻيون قديم عمارتون شامل آھن. ايڊنبرا جو نئون ۽ پراڻو شھر يونيسڪو جي ثقافتي ورثن ۾ شامل آھن.