اليسموبرينڪياء
From Wikipedia, the free encyclopedia
اليسموبرينڪياء(انگريزي: Elasmobranchii) (/ɪˌlæzməˈbræŋkiaɪ/[7]) بائيولاجي جي علم ۾ ڪونڊريڪٿيز (Chondrichthyes) يا ڪارٽيليجينس(cartilaginous) مڇي جي شاخ آهي جن ۾ شارڪ مڇيون، ريز (rays
(ريز:بيٽيفارمز درجي واريون تراکڙيون۽ ويڪريون مڇيون جن جون پاسن واريون کنڀڙيون (fins) پرن وانگر ھونديون آھن)،اسڪيٽ مڇي (skate fish)،ڪارائي واري مڇي (sawfish) شامل آهن. ھن گروھ يا درجي جي مڇين جي سڃاڻپ انھن ۾ پنج کان ست ڪلين gill (جن مان ھرھڪ علحدہ ٻاھر کلندي آهي), پٺيءَ تي سخت کنڀڙي ، چمڙي تي ننڍڙن نوڪيلن ڇلڙن (placoid scales) جي موجودگيءَسان ٿيندي آهي.انھن جا ڏند کوڙ قطارن۾ ھوندا آھن انھن جي مٿئين ڄاڙي کوپڙي واري ھڏي سان مليل نہ ھوندي آھي . انھن جي ھيٺين ڄاڙي مٿئين ڄاڙي جي جوڙ ۾ لڳل ھوندي آھي. انھن جي ڄاڙي جي بناوٽ جو تفصيل جنس در جنس ڪجهه مختلف ھوندو آھي.
ترت ڄاڻ خودڪار ٽيڪسو باڪس معاونت ...
خودڪار ٽيڪسو باڪس معاونت |
---|
خودڪار ٽيڪسو باڪس جوڙڻ لاءِ مهرباني. There's no taxonomy template at "Template:Taxonomy/اليسموبرينڪياء", so the automated taxobox system doesn't know the taxonomy (درجا بندي) of اليسموبرينڪياء.
|
بند ڪريو
ترت ڄاڻ اليسموبرينڪياء Temporal range: سانچو:پنڊپھڻ جو دائرو, سائنسي درجا بندي ...
اليسموبرينڪياء Temporal range: سانچو:پنڊپھڻ جو دائرو | |
---|---|
اڇي شارڪ (Carcharodon carcharias) | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | اليسموبرينڪياء |
Superorders | |
|
بند ڪريو
اليسموبينڪس ۾ مڇين وارو ڦوٽو swim bladder ڪونہ ٿئي ٿو ۽ ان کي ترڻ جي سگھ (buoyancy) پنھنجي جيري liver ۾ موجود تيل مان ملندي آهي. ڪجهه گھري سمنڊ واريون شارڪ مڇيون ان تيل حاصل ڪرڻ لاء مھاڻن جو شڪار ٿي رھيون آھن انھن ۾ اسڪول شارڪschool shark، گلپر شارڪ يا مٽو ھڻندڙ شارڪ (gulper shark) ۽ ھن تصوير ۾ ڏيکاريل باسڪنگ شارڪ ياسمنڊ جي مٿاڇري تي ترندڙ basking shark شامل آهن[1] اھي ٽئين قسم IUCN جي رپورٽ مطابق انھن جي حد کان وڌيڪَ شڪار جي ڪري نابود ٿي وڃڻ جي حالت ۾ آھن[2][3][4]
عملي نقطہ نظر کان اليسموبرينڪس مڇين جي زندگي جي ترتيب حد کان وڌيڪَ شڪار جي ڪري تمام گھڻي متاثر ٿي آهي ساڳي صورتحال واپار لاءِ شڪار جي ڪري سامونڊي ڪڇون (marine turtle) ۽ ھڏي واري ويسر يا بلين وھيل (baleen whale) جي آھي جيڪي به شارڪ جيان نابودي جي خطري ۾ آهن[6]